سامونڊي پٽي جي مسئلن کان واقف آھيون: جان عالم ڄاموٽ
ملير(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ ڳالھائيندي چيو تھ سامونڊي پٽي جي مسئلن کان واقف آھيون، عوام کي ڪڏھن بھ اڪيلو نھ ڇڏينداسين.ابراھيم حيدري ڄاموٽ ھائوس ۾ پي ايس 87 جي صدر جان عالم ڄاموٽ سان سامونڊي پٽيءَ جَي سياسي سماجي اڳواڻ عزيز داؤد ملاقات ڪئي ملاقات دوران عزيز دائود جت جان عالم ڄاموٽ کي پي ايس 87 جي صدر طور عھدو ملڻ تي کيس واڌايون ڏنيون ۽ نيڪ تنمائن جو اظھار ڪيوجان عالم ڄاموٽ عزيز دائود جت جا ٿورا مڃيا، جڏھن تھ ٻنھي اڳواڻن سامونڊي پٽي جي رھواسين جا مسئلا گڏجي حل ڪرائڻ لاءِ جدوجھد تيز ڪرڻ جو وچن ورجايو.
0 تبصرے