ٺٽو: شورو برادري جي معزز حيدرعلي شورو جي شورا موري آمد

علي حسن زرداري جي عوامي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي: حيدر علي شورو

ٺٽو: شورو برادري جي معزز حيدرعلي شورو جي شورا موري آمد

ٺٽو( شفيق ڀٽي)شورو برادري ٺٽو جي معزز وڏيرو حيدرعلي شورو شوراموري آمد شوراموري جي نوجوانن وڏيرو تاج محمد شورو صحافي اي بي شورو حاجي قاسم شورو احمد شورو ديدار شورو ٻين طرفان کيس شوراموري وٽ اجيان ڪئي، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي خصوصي ڪوشش سان ناري ڇڇ لوئر ساڪرو واه مٿان 42:R.D مختلف تاريخي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن کي شهرن سان ڳڊيندڙ مشهور شوراموري پل جي ٻهير تعمير جو جائزو ورتو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ، وڏيرو حيدر علي شورو چيو ته ورڪس سروس اينڊ جيل خانه جات جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي عوامي خدمتن کي ڪنهن به قيمت تي وساري نٿو سگهجي سندس طرفان شوراموري واسين کي وڏي درپيش مشڪلات جو ڪارڻ شوراموري پل جي نئي سر اڏاوت وارو ڪم به هڪ انتهائي ساراه جوڳو قدم آهي هن پل جي تعمير سان شوراموري ڀرپاسي جي قديمي ۽ تاريخي ڳوٺن سميت درگاه شاه حسين شاه جي ايندڙ ويندڙ زائرين کي وڏو فائدو رسندو اهڙو تاريخي ڪارنامو حاجي علي حسن زرداري عوامي خدمتن ظاهر ڪري ٿو جيڪو ٺٽي ضلعي جي هر واهڻ وستي ۾ بغير ڪنهن حساب عوامي خدمت ڪري رهيو آهي ان موقعي تي صحافي اي بي شورو وڏيرو تاج محمد شورو حاجي قاسم شورو احمد شورو ديدار شورو ٻين پڻ حاجي علي حسن زرداري جي عوامي خدمتن تي خوشي جو اظهار ڪيو ياد رهي تي ناري ڇڇ لوئر ساڪرو واه جي لائينگ وارو ڪم پڻ صوبائي حڪومت طرفان جاري هو جنهن دوران پل جي منظوري ورڪس سروس کاتي جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي هدايتن تي ڪئي وئي هئي