English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
47 views
|
01st Jul 2025
•
سنڌي خبرون
آئي ايم جي شرطن تي ھلي حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون آھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آھي تہ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ايندڙ دؤر وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندو. مھانگائي وڌندي. آئي ايم جي شرطن تي ھلي حڪومت عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙيون آھن. اشرافيہ لاءِ سموريون مراعتون آھن ۽ غريب ماڻھن تي ناجائز ٽئڪس مڙھي انھن جو رت چوسيو پيو وڃي. روزانو آئي ايم ايف جي خنجر سان عوام کي ماريو پيو وڃي. حڪومت ٻڌائي تہ غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا. حڪومت مھانگائي ختم ڪري عوام تي رحم ڪري. آئي ايم ايف جي حڪم تي عوام جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن طرفان لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن مان واپس آڻي آئي ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن. اياز لطيف پليجو چيو تہ پيٽروليم مصنوعات جون واڌيل قيمتون فوري طور تي واپس ورتيون وڃن. پيٽرول جون قيمتون وڌائي عوام جي وات مان ماني جو گرھ کسيو پيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن جا اربين ڊالر ملڪ ۾ واپس آندا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
imf
0 تبصرے