English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وڏو وزير ٻڌائي ته آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟: اياز لطيف پليجو
80 views
|
02nd Jul 2025
•
سنڌي خبرون
معصوم ٻارڙي 47 مھينن کان قيد ۾ آھي. مغوي ٻارڙي جي ماءُ مسلسل احتجاج ڪندي رھي آھي
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ وزيراعلي سنڌ ٻڌائي تہ آخر معصوم پريا ڪماري کي ڇو بازياب نٿو ڪرايو وڃي؟ معصوم ٻارڙي 47 مھينن کان قيد ۾ آھي. مغوي ٻارڙي جي ماءُ مسلسل احتجاج ڪندي رھي آھي، سڄي سنڌ مان مطالبا ٿي رھيا آھن پر ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ ڪا حڪومت ئي ناھي جيڪا ماڻھن جا مطالبا ٻڌي. مسئلا حل ڪري.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت ٻڌائي تہ ڏوھاري حڪومت ۽ رياست کان ڪيترا طاقتور آھن؟ آخر سنڌ اقليتن ۽ غريب ماڻھن جون نياڻيون ۽ ٻار ڇو غير محفوظ آھن؟ ھي سڄو نظام رڳو حڪمران طبقي جو محافظ ۽ انھن لاءِ جنت جھڙو ڇو آھي؟ ھاري، مزدور ۽ عام ماڻھو ڪنھن بہ وقت ڪنھن ڏوھاري جي نشاني تي اچي سگھن ٿا ۽ انھن لاءِ زندگي جھنم بنائي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ معصوم پريا ڪماري کي 10 محرم تي سبيل ھلائيندي اغوا ڪيو ويو هو. جيڪڏھن ڪنھن وزير يا ڪنھن طاقتور حڪومتي عملدار جو ٻار اغوا ٿئي ھا تہ چند ڪلاڪن ۾ اھو بازياب ٿي وڃي ھا ۽ جوابدار کي عبرت جو نشانو بنايو وڃي ھا. اياز لطيف پليجي چيو تہ وزيراعلي مراد علي شاھ ۽ آئي جي سنڌ کي گھرجي تہ اھي فوري طور معصوم پريا ڪماري جي گھر پھچي وارثن سان ملاقات ڪري کين ٻارڙي جي بازيابي جي خاطري ڪرائين. پريا ڪماري جو اغوا ڪيس وارثن جي مرضي سان داخل ڪرايو وڃي. وارثن جن جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪرائڻ چاھين ٿا، اھي ڪيس ۾ شامل ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
معصوم ٻارڙي
معصوم پريا ڪماري
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے