English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجو سان ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون
116 views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، پاڻي جي کوٽ ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھ پرنس ٽائون قاسم آباد حيدرآباد تي جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي ملاقات ڪري ملڪي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، پاڻي جي کوٽ ۽ منشيات تباھ ڪري ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت چاھي ٿي تہ سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڌاڙيلن جو راڄ ھجي، لاقانونيت ھجي، جھالت ھجي، عوام يرغمال ھجي، دھشت واري ماحول ۾ ماڻھو خاموش ۽ قيد ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ پ سنڌ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 18 سالن ۾ سنڌ سان خطر ناڪ حشر ڪيو ويو آھي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي سنڌي ماڻهو خوشحال بدران اسان جا غلام ھجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ماڻھو سنڌ حڪومت ۽پيپلزپارٽي مان اميد ڪرڻ بدران خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. اصل طاقت ھاري، پورھيت ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌي ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن، ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام کي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ بيڊگورننس جي ڪري بحران ۽ مسئلا آھن. ڪرپشن وڏو مسئلو آھي، سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا ڪرپشن جو مرڪز بنجي ويا آھن. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي ھٽايو وڃي. ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت ٻڌائي تہ غريب عوام کي ڪيستائين مھانگائي جي سمنڊ ۾ ٻوڙيندا رھندا. ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونء بہ نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن. جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو تہ چيو تہ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. ھڪڙا ڌاڙيل سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ماڻھو اغوا ڪن ٿا. قتل ڪن ٿا ۽ ٻيا ڌاڙيل سنڌ جي دولت لٽي رھيا آھن. ڪرپشن ڪري رھيا آھن. وسيلن جي ڀينگ ڪري رھيا آھن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. صحت جون سهولتون ناھن. تعليمي نظام درھم برھم آھي. روڊ ٽٽل آھن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. 18 سالن کان ھلندڙ خراب حڪمراني سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
ڊاڪٽر صفدر عباسي
0 تبصرے