English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ پ پ اڳواڻ امتياز شيخ جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس ۾ گڏجاڻي
223 views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) پيپلز پارٽي اڳواڻ ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪيٽل ڪالوني جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ٿي گذري تفصيل موجب اڄ پيپلز پارٽي اڳواڻ ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ جي صدارت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪيٽل ڪالوني جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ٿي. جنهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس عباسي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيمه، چيف ميونسپل آفيسر عابد لطيف راجپوت، ڊي آئي بي انچارج شاهجهان شاهه، پراونشل بلڊنگ ڊويزن سکر دانو مل، اَي اِي اين، پراونشل بلڊنگ سب ڊويزن شڪارپور آفتاب علي انصاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ شڪارپور ڊاڪٽر ذوالفقار علي مهر ۽ ٺيڪيدار معصوم شاهه گڏجاڻيءَ ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ، سابق صوبائي وزير ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي امتياز احمد شيخ گڏجاڻيءَ ۾ چيو ته هلندڙ هفتي دوران ڪيٽل ڪالوني جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ضلعي انتظاميا ان سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، امتياز احمد شيخ چيو ته واڙا شهر ۾ هجڻ جي ڪري اسڪولن جا ٻار، عورتون توڙي شهري سخت متاثر هئا هاڻي ان مصيبت مان شهرين کي نجات ملندي، هن چيو ته واڙا ٻاهر منتقل ڪرڻ منهنجو مشن هو، جيڪو هاڻي پورو ٿي رهيو آهي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ چارديواري جو ڪم شروع ڪيو ويندو، ان بعد باقي ڪم شروع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
پ پ اڳواڻ امتياز شيخ
0 تبصرے