شهر ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي: ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفا ميمڻ شهر جي مختلف علائقن توڙي ڊسپوزلن جو دورو ڪري ملازمن کي هدايتون ڏنيون ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته انشاء الله جلد کان جلد ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان ضلعي ھيڊڪوارٽر سميت سڀني وارڊن ۾ صفائيء جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪوششون وٺي ڪري سمورن پاڙن مان گندگيءَ جو خاتمو آڻي شهرين کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪنداسين هن چيو ته جيئن ئي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين جي چارج سنڀالي آهي ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين شهر ۽ شهرين جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندس عزتدار خاندان سان تعلق آهي ڪنهن جو برو ناهي چاهيو ڪرپشن جو سوچيو به ناهي ڪوشش ڪئي آهي ته غريب ماڻهن جي مدد ڪيون چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ساهتي جي سرواڻ ڊويزن شهيد بينظير آباد جي صدر ضياء الحسن لنجار جو ٿورائتو آهيان جن مونکي عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو اڳ ۾ شهر ٻڏندو رهيو آهي پر هاڻي 90 پرنسٽ شهر کي صاف رکيو آهي ۽ هر گهٽي کي پيور ڏنو آهي جنهن ڪم به هلندڙ آهي شهر مان اونداهيء کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ شهر ۾ گندي پاڻيءَ جو خاتمو آندو آهي اهڙا مثالي ڪم ڪنداسين جو شهري اسان کي ياد ڪندا غريب ماڻهن ۾ 2 هزار سولر پليٽون ورهائيون آهن ته جيئن گرمي کان بچي سگهن ڇو ته بجلي جو بحران هجڻ ڪري پورهيت ماڻهن کي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو شهر کي خوبصورت ڏسڻ چاهيان ٿو ڇوته مونکي به هت ئي رهڻو آهي
0 تبصرے