English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ھندن جون نياڻيون اغوا نه ٿين ۽ نه ئي زوري سندن مذھب مٽايو وڃي: اياز لطيف پليجو
203 views
|
14th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو ٿاڻو بولا خان ۾ ٻال پوري آشرم پھتو، سندس شاندار استقبال
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ٿاڻو بولا خان ۾ ٻال پوري آشرم پھتو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس اجرڪن جا تعفا پيش ڪيا ويا.ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ وزير اعظم ۽ صدر ٻڌائين تہ پرڏيھ ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن، قونصل جنرلس ۽ اتاشیز ۾ ڪل ڪيترا سنڌي ۽ بلوچ شامل آھن؟اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ھندن جون نياڻيون اغوا نہ ٿين ۽ زوري مذھب نہ مٽايو وڃي. سنڌ ۾ اقليتون غير محفوظ ھونديون، پنهنجي وطن ۾ ھندو، ڪرسچن، سک ۽ فارسي غير محفوظ ھوندا تہ پاڻ ترقي ڪون ڪري سگھنداسين، پاڻ اھي سنڌي آھيون جيڪي ھوليون، ڏياريو، ڪرسمس ملھائيندا آھيون، پاڻ کي اھو پيغام ڏيڻو آهي سڄي پاڪستان ۽ دنيا کي تہ اسان رواداري ۽ برابري ۾ يقين رکون ٿا. اسين پرامن ۽ باوقار تھذيب جا وارث آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ دين ۾ ڪو بہ جبر ڪونھي. پاڪسان جي آئين ۾ سڀني کي برابري جي بنياد تي پنھنجا حق آھن ۽ ھر ڪنھن کي عبادت ڪرڻ جو حق حاصل آھي،جبر ۽ ڏاڍ جي ڪو بہ مذھب اجازت نٿو ڏئي. محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تقرير ۾ چيو ھو ھن ملڪ ۾ رياست جي ويجھو سڀ ماڻھو برابر آھن ڀلي ڪھڙو بہ مذھب ھجي انھن ۾ نفرت نہ ھجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ قبائليت جا چنبا کوڙيل نہ ھجن ھا تہ سنڌ ھيئن تباھ ۽ برباد نہ ٿئي ھا. سنڌ کي تعليم، ميرٽ روزگار، صحت کپي، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ پنھنجن وسيلن تي مالڪي جو اختيار گھرجي۔ درياءَ، سمنڊ، ٻيٽ، ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر سميت سڄي سنڌ جي مالڪي گھرجي، قبضاگيري نہ کپي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون قبضاگير اسڪيمون نہ گھرجن.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي نوجوانن جي اميدن جو قتل ڪيو آھي. ڪرپٽ حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي ذھني طور بيوس، لاچار، مايوس ڪري ماري رھي آھي. پبلڪ ڪميشن جي نالي ۾ ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. پيپلزپارٽي کي 70 کان وٺي 2024 تائين بار بار اقتدار ملڻ کانپوءِ بہ سنڌ کي ترقي وٺرائڻ بدران سنڌ سان دشمنن وارو حشر ڪيو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
سنڌي ھندن جون نياڻيون
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ
0 تبصرے