English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پي ڪي ميٽ ڪمپني انتظاميا 50مقامي پورهيتن کي ڪڍي ڇڏيو، احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
14th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملازمن جي رزاق آباد جدوجهد ڪميٽي ۽ سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن سان گڏ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، بحالي جو مطالبو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ پي ڪي ميٽ ڪمپني انتظاميا مقامي پورهيتن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ،ڪمپني انتظاميا ۽ ٺيڪيدار 25 سالن کان ڪم ڪندڙ 50 مقامي ملازمن کي پگهارون وڌائڻ جي مطالبي تي ڪاوڙجي نوڪري تان بيدخل ڪري ڇڏيو ،ملازمن جي رزاق آباد جدوجهد ڪميٽي ۽ سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن سان گڏ رزاق آباد جي مک چوڪ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين ريلي ۽ ڌرڻو ،بحالي لاءِ سخت نعريبازي، ڌڻي پرتو موسي ڳوٺ لڳ پي ڪي گوشت ڪمپني انتظاميا ۽ ٺيڪيدارجو پورهيت سان جانورن جهڙو سلوڪ آهي ،25 سالن کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي قانون جي ابتڙ رڳو 25000 هزار ماهوار پگهار ڏني پئي وڃي پورهيتن سان غالمن جهڙُو ورتاءُ ڪري ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ ۽ زبان بندي ڪئي ويئي آهي تفصيل موجب ملير ۾ ڌڻي پرتو موسي ڳوٺ لڳ گوشت پي ڪي ڪمپني انتظاميا مقامي پورهيتن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي 25 سالن کان ڪم ڪندڙ 50 مقامي ملازمن کي پگهارون وڌائڻ جي مطالبي تي ڪاوڙجي نوڪري تان بيدخل ڪيو ويو آهي جنهن خلاف ملازمن، رزاق آباد جدوجهد ڪميٽي ۽ سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن سان گڏجي اورنگزيب جوکيو، اقبال ڪلمتي، فيض سنڌي وهاب سنڌي، مختيار سومرو، شيراز سولنگي، امتياز علي جوکيو، مظهرعلي جوکيو، سليمان جوکيو، اسد رحمان جوکيو، داود جان جوکيو محمد ثمير جوکيو جي اڳواڻي ۾ رزاق آباد جي مک چوڪ کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان پهچي ڌرڻو هنيو احتاجي پورهيت جي هٿن ۾ بينر ۽ پليڪراڊ هئا هو پورهيتن سان ظلم بند ڪريو بيدخل مقامي پورهيتن کي بحال ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي پورهيت اڳواڻن چيو ته ملير قومي شاهراھ لڳ ڌڻي پرتو موسي ڳوٺ ڀرسا پي ڪي گوشت ڪمپني جي انتظاميا ۽ ٺيڪيدارجو پورهيتن سان جانورن جهڙو سلوڪ آهي گذريل 25 سالن کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي سنچ حڪموت جي اعلنيل پگهرن جي قانون جي ابتڙ رڳو ماهوار 25000 هزار پگهار ڏني پئي وڃي هنن چيو ته پورهيتن خاص طور مقامي پورهيتن کي ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ زبان بندي جا حڪم ٿيل آهن انساني ۽ مدور حق پامال ڪيا ويا آهن هنن سنڌ حڪومت جي وڏي وزير، پورهئي واري وزير، ليبر کاتي جي ڪامورن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل خانگي ڪمپني اتظاميا ۽ ٺيڪدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مقامي ملازم بحال ڪرائي قانون پٽاندڙ پگهارون ۽ ٻيون سهولتون ڏياريون وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڌڻي پرتو موسي ڳوٺ
ڪمپني انتظاميا
پي ڪي گوشت ڪمپني
پي ڪي ميٽ ڪمپني انتظاميا
0 تبصرے