English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ خانگي ڪمپنين جي چمني مان نڪرندڙ زهريلي دونهين بابت ڪٺ
108 views
|
19th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ماحولياتي گدلاڻ ۽ انساني حياتيون بچائڻ لاء گڏيل جدوجهد هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ۾ قومي شاھراھ لڳ خانگي ڪمپنين جي چمني مان نڪرندڙ زهريلي دونهين وارو معاملو، سياسي سماجي متحرڪ تنظيمن ۽ اڳواڻن جو گڏيل احتجاجي ڪٺ ماحولياتي گدلاڻ ۽ انساني حياتيون بچائڻ لاء گڏيل جدوجهد هلائڻ جو فيصلو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺن ۾ قائم ڪارخانن مان نيڪال ٿيندڙ گندي پاڻي ۽ دونهين اڻ ڳڻيون زندگيون ڳڙڪايون آھن اعلي اختيارين ماحولياتي ڪامورن احتجاجن باوجود ڪنهن به قدم نه کنيا آھن پنهنجن ڳوٺاڻن ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاء هڪ هڪاڻي ڪبي راڄوڻي کٺ جو فيصلو تفصيل موجب ملير ۾ قومي شاھراھ لڳ ميمڻ انڊسٽريل پارڪ ۾ قائم خانگي ڪمپنين جي چمني مان نڪرندڙ زهريلي دونهين سبب سمورن ڳوٺن ۾ بيچني پکڙجي وئي آھي ان سلسلي ۾ مخلتف ڳوٺن جي چڱ مڙسن سياسي سماجي اڳواڻن جو گڏيل احتجاجي ڪٺ رزاق آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ سيد خداڏنو شاھ، اشرف خاصخيلي رحيم جوکيو يعقوب خاصخيلي ڪريم بخش نوحاڻي حاڪم الدين جوکيو مقبول لاشاري فيض محمد لاشاري رسول بخش نوحاڻي سعيد محمد لاشاري ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ڪٺ ۾ ميمڻ انڊسٽريل پارڪ جي سمورين فڪٽرين سميت ڀرپاسي جي ٻين فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلي گندي پاڻي ۽ دونهين سان ٿيندڙ ماحولياتي گدلاڻ ۽ انساني حياتين جي خطري تي ڳڻتي ظاھر ڪندي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو ان موقعي تي معززن جو ڪٺ ۾ چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺن ۾ قائم ڪارخانن مان نيڪال ٿيندڙ گندي پاڻي ۽ دونهين اڻ ڳڻيون زندگيون ڳڙڪايون آھن ۽ هن وقت ڪيترائي ماڻهون گهرن ۾ چمڙي پيٽ ساھ بخار ۽ ٻين بيمارين ۾َمبتلا ٿي بستري داخل ٿي ويا آھن جنهن خلاف اعلي اختيارين ماحولياتي ڪامورن کي ڪيتريون درخوستون ڏنيون آھن ۽ احتجاجن باوجود ڪنهن به قدم نه کنيا ويا آھن هنن چيو هاڻي سمورا راڄ ۽ انهن جا معزز مجبور ٿي اعلان ڪن ٿا ته پنهنجن ڳوٺاڻن ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاء هڪ هڪاڻي ڪبي هنن سنڌ جي وڏي وزير ماحولياتي کاتي انساني حقن جي تنظيمن ملير مان چونڊيل سمورن صوبائي توڙي قومي اسيمبلي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته گدلاڻ سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل ملير جي غريب ۽ مارو ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاء سخت قانوني قدم کڻي ڄاڻايل فيڪٽرين خلاف ڪاروائي ڪري گدلاڻ کي روڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا پاڪستان طاقتور مرڪز ٿي اڀري ٿو . ؟.! ؟
27th Mar 2026
•
صحت
طبی ماہرین کا بڑا کارنامہ، انسولین اب ماضی کی بات بن سکتی ہے!
27th Mar 2026
•
شوبز
دنیا کی توجہ ہٹی لیکن غزہ میں تباہی اور انسانی بحران ابھی جاری ہے: اینجلینا جولی
27th Mar 2026
•
تازہ ترین
امریکہ اور اسرائیل کی جاری جنگ میں اب تک 1900 ایرانی شہید: ہلال احمر
27th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا پاڪستان طاقتور مرڪز ٿي اڀري ٿو . ؟.! ؟
27th Mar 2026
•
صحت
طبی ماہرین کا بڑا کارنامہ، انسولین اب ماضی کی بات بن سکتی ہے!
27th Mar 2026
•
شوبز
دنیا کی توجہ ہٹی لیکن غزہ میں تباہی اور انسانی بحران ابھی جاری ہے: اینجلینا جولی
27th Mar 2026
•
تازہ ترین
امریکہ اور اسرائیل کی جاری جنگ میں اب تک 1900 ایرانی شہید: ہلال احمر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ماحولياتي گدلاڻ ۽ انساني حياتيون
ملير
خانگي ڪمپنين جي چمني مان
0 تبصرے