English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي سنڌ جي دل آهي. سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالھ پاڪسٿان کي ٽوڙڻ جي سازش آھي. اياز لطيف پليجو
views
|
21st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پليجي پاران خالد مقبول صديقي جي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ واري بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ واري بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي تہ ڪراچي سنڌ جي دل آهي. سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالھ پاڪسٿان کي ٽوڙڻ جي سازش آھي. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائڻ چاھين ٿيون. جيڪو بہ نئين صوبي جي ڳالھ ڪري ٿو اھو انھي سازش جو حصو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ شھباز شريف، آصف علي زرداري ۽ سنڌ حڪومت سنڌ ٽوڙڻ جا مطالبا ڪندڙ ايم ڪيو ايم جا سھولتڪار نہ بڻجڻ سنڌ ٽوڙڻ جي مطالبو ڪندڙ خالد مقبول صديقي تي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم کي فوري طور وفاقي حڪومت کان ڌار ڪيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت تي ڪو بہ وار برداشت نہ ڪنداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ ايم ڪيو ايم ميل گھوڙو آھي، اسٽيبلشمينٽ جي مھري کان وڌيڪ انھن جي ڪا حيثيت ناھي. اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو حصو آھي. اھي نفرت ۽ تعصب جي سياست کي رد ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم اقتدار جي عروج تي پھچڻ باوجود ڏوھن، منشيات، ميرٽ جي تباھي ۽ ڪرپشن کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پاڪستان جي خليقڪيندڙ آھي. پنج ھزار سال پراڻي تھذيب رکندڙ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، سنڌ سنڌين جو وطن آھي. امن، محبت، رواداري اسان جي تھذيب جو حصو آھن. ملڪ کي ٽڪراءَ ۽ انتشار واريون پاليسيون تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ نٿيون ڏئي سگھن. ان ڪري ايم ڪيو ايم کي سامھون آڻي سنڌ دشمن ايجنڊا سازش جوڙيندڙ ٻڌي ڇڏين تہ صوبي جي نالي ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين. سنڌ ھڪ آھي، ھڪ رھندي. سنڌ آھي تہ پاڪستان آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. جيڪڏھن 27 ھين ترميم ۾ سنڌ دشمن شق کي شامل ڪيو ويو تہ 7 ڪروڙ سنڌ جا ماڻھو رستن تي ايندا. انڪري ملڪ کي وڌيڪ بحران ۾ وجھڻ کان. باز اچو. ايم ڪيو ايم جا ھٿ معصوم ماڻھن جي خون ۾ رنگيل آھن. ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي بند ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي ڀلي سنڌ ٽوڙڻ وارين سازشن تي خاموش ھجي پر سنڌ جي ماڻھن کي اقتدار کان وڌيڪ پنھنجو وطن عزيز آھي. اھڙو ڪو بہ دستور ھلڻ نہ ڏنو ويندو جيڪو سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن پسمنظر ۾ ھجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ
خالد مقبول صديقي
0 تبصرے