English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ سٽي لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ ۾ برسات متاثر بي يارو مددگار بڻيل، مينارٽي اتحاد ملير جا اڳواڻن سندن داد رسي لاءِ پهتا
207 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مينارٽي اتحاد ملير جي اڳواڻن سنتوش ڪمار ڀيل، راجيش مهيشوري ۽ ٻين پاران متاثرن سان ملاقات
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي ملير جي گڏاپ سٽي لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ ۾ تيز برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڪري پيا هئا جنهن سبب ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ٿي ويا ڳوٺ جي مردن، عورتن ۽ ٻارن لاءِ پناهه جا مسئلا پيدا ٿي ويا آهن واقعي جي اطلاع ملندي ئي ملير مينارٽي اتحاد جي اڳواڻن سنتوش ڪمار ڀيل، راجيش مهيشوري، همير داس، گيان چند، رامچند ۽ موهن لال متاثر ڳوٺ جو دورو ڪيو ۽ برسات سبب ڊهي پٽ ٿيل گهرن جو معائنو ڪيو. هنن ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري سندن حال احوال پڇيو ۽ سندن مصيبت ۾ ساڻس بيهڻ جو يقين ڏياريو اقليتي اڳواڻن چيو ته برساتي پاڻي ۽ گهر ڊهڻ ڪري غريب ڳوٺاڻا سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪيترن ئي خاندانن وٽ رهڻ لاءِ ڪو جاءِ نه رهيو آهي، جڏهن ته عورتون ۽ ٻار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور متاثر ڳوٺاڻن لاءِ ايمرجنسي مدد فراهم ڪري، کين خيمه، کاڌ خوراڪ ۽ صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي ملير مينارٽي اتحاد جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گهرن جي ٻيهر تعمير جو انتظام به ڪرڻ گهرجي، ڇو ته غريب ڀيل برادري جا ماڻهو پنهنجي وسيلن سان گهر ٻيهر ٺاهي نه ٿا سگهن. هنن زور ڀريو ته ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت فوري طور تي بحالي جو ڪم شروع ڪري ۽ متاثرن کي هر ممڪن رليف ڏنو وڃي.مقامي ماڻهن چيو آهي ته هر سال برسات سبب ڳوٺ جا ڪچا گهر متاثر ٿين ٿا، پر هن ڀيري وڏي تباهي آئي آهي، جنهن کان پوءِ هو مدد لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سماجي تنظيمن ڏانهن اپيل ڪري رهيا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مينارٽي اتحاد ملير
ملير
گڏاپ سٽي لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ
0 تبصرے