English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪي يو جي ورڪرز جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو
views
|
24th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي، خاص طور تي ضلع ملير ۾ ڏوهن جو گراف خطري واري حد تائين وڌي ويو آهي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي ۾ صحافين تي لڳاتار ٿيندڙ حملن ۽ لوٽ مار جي واقعن خلاف عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ڪي يو جي ورڪرز جي سڏ تي عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي سامي ميمڻ، عنائت شاهه، فاروق بنگوار، طارق سهتو، حفيظ سيال، آصف سدھو، حق نواز سومرو ۽ نادر وسير ڪئي. مظاهري ۾ صحافين سان گڏ سياسي ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري دوران شرڪائن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا پيا هئا جن تي "صحافين تي حملا نامنظور" ۽ "صحافين سان لوٽ مار نامنظور" جا نعرا لکيل هئا مقررّن ۾ امام الدين کوکر، نظير بهار وڌيو ، فدا پهنور، انور لاشاري ۽ شههنشاهه چارڻ خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي، خاص طور تي ضلع ملير ۾ ڏوهن جو گراف خطري واري حد تائين وڌي ويو آهي، عام شهرين سان گڏ هاڻي صحافي به محفوظ ناهن رهيا. انهن ٻڌايو ته ڪالا بورڊ جي ڀرسان خانگي ٽي وي اينڪر امتياز مير جي گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي اسپتال ۾ داخل آهي. ساڳي ڏينهن عوامي پريس ڪلب جي سينيئر صحافي طارق سهتو کي قائدآباد پل جي ويجهو گهرڀاتين سان گڏ روڪي نقدي، موبائل فون ۽ قيمتي سامان لوٽي ورتو ويو، جڏهن ته ڊفينس ۾ ڪي يو جي جي ميمبرن صحافي بشارت شاهه ۽ جاويد ابدالي به هٿياربندن هٿان لٽيا ويا.مقررّن جو چوڻ هو ته متاثر صحافين فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏنو، پر تاحال ڪنهن به واقعي ۾ ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته صحافين تي ٿيندڙ حملا ۽ لوٽ مار ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري لوٽيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ صحافين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن ته جيئن هو آزاد ۽ محفوظ ماحول ۾ پنهنجو پيشو جاري رکي سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عوامي پريس ڪلب ملير
اڳواڻ
ڪي يو جي ورڪرز
0 تبصرے