English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ۽ ريلي
132 views
|
24th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اسڪارپ ڊرينيج ڊويزن کاتي کان ھزارين ملازمن موٽر سائيڪلن تي احتجاجي ريلي ڪڍي
شڪارپور (احسان ابڙو)سنڌ ايمپلائیز الائنس (SEA) شڪارپور طرفان چيئرمين سيد راشد حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ اسڪارپ ڊرينيج ڊويزن کاتي شڪارپور کان ھزارين ملازمن جي شاندار موٽر سائيڪل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب شڪارپور پهتي تفصيل موجب، سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان ريلي ۾ گسٽا، روينيو، پي ٽي الف، آپڪا، پيرا ميڊيڪل گرينڊ الائنس، پي ايم اي، مھراڻ ٽيچر، پاپوليشن، لوڪل گورنمينٽ، تعليم، صحت ۽ اسڪارپ ڊرينيج کاتن جا عهديدار ۽ ملازم وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. جتي عبدالوحيد ڄامڙو ۽ ٻين پاران آيل مھمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. ريلي ڊي سي آفيس، ايس پي آفيس، جهاز چوڪ، لکيدر چوڪ، گھنٽا گهر ۽ الله والا چوڪ تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي ملازمن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج دوران پينشن مراعاتن ۾ ڪٽوتي روڪڻ، پگهارن ۾ واڌ، ڊسپيئرٽي ريڊڪشن الائونس (ڊي آر اي)، گروپ انشورنس، بينوولينٽ فنڊ ۽ فوتي ڪوٽا جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سيد راشد شاهه، عبدالوهاب ڪاغذي، غلام سروس کوھارو، ڊاڪٽر سيد اطهر حسين شاهه، عبدالرحمان شر بلوچ، عبدالشڪور پھوڙ، احسان الله ابڙو، عبدالشڪور سومر، بشير احمد لاشاري، نظام الدين شيخ، فھيم احمد سومرو، غلام رسول جھلڻ، مجاھد حسين لانگاھ، آغا شعيب خان پٽاڻ، عبدالسمي جوڻيجو، نوشاد علي ڀٽو، شفيق احمد شيخ، نظير حسين شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته:پينشن، فوتي ڪوٽا، ڊي آر اي الائونس ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو سندن بنيادي حق آهي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ڦٻايا نه ويندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته SEA جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن جي هدايتن تي آفيسن جي تالابندي جاري رهندي ۽ احتجاجي تحريڪ مرحليوار هلندي رهندي جيستائين سڀ مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس
0 تبصرے