English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جدوجهد ڪميٽي پاران سنڌي نوجوانن کي روزگار نه ڏيندڙن ڪمپنين خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان
170 views
|
24th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جدوجهد ڪميٽي پي ڪي گوشت ڪمپني سميت ملير جي ڳوٺن ۾ قائم ڪارخانن ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ نوڪرين تي موجود پورهيتن سان ناانصافي خلاف هلندڙ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سومر تي موسي ڳوٺ کان پي ڪي گوشت ڪمپني تائين ڪارا جهنڊا ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوين ماڻهن جي پرامن ريلي ڪڍي ڪمپني انتظاميا کي يادشتنامون ڏنو ويندو،اسان جا جائز قانوني مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته ڪمپني گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا تائين احٽجاج ڪنداسين ،جدوجهد ڪيمٽي جي اڳواڻن فيض سنڌي،اقبال ڪلمتي،ڄام اورنگزيب جوکيو ،شيراز سولنگي ۽ ٻين جي هنگامي پرهجوم پريس ڪانفرنس تفصيل موجب ملير جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن فيض سنڌي،اقبال ڪلمتي،ڄام اورنگزيب جوکيو ،ڪامريڊ وهاب گبول ،شيراز سولنگي ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پرهجوم هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته اسان جي ڳوٺن وچ ۾ قائم پي ڪي گوشت ڪمپني سميت ٻين ڪارخانن ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ ۽ نوڪرين تي موجود پورهيتن سان ناانصافي خلاف هلندڙ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪري رهيا آهيون ان سلسلي ۾ 29 سيپٽمبر سومر ڏينهن موسي ڳوٺ کان پي ڪي گوشت ڪمپني تائين سوين ماڻهو ڪارا جهنڊا کڻي، ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پرامن ريلي ڪڍي ويندي ۽ ڪمپني انتظاميا کي مطالبن تي ٻڌل يادشتنامون ڏنو ويندو هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جا جائز قانوني مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته ڪمپني مين گيٽ اڳيان هزارين ماڻهن جو ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج ڪنداسين هنن چيو ته سڄي دنيا ۾ مقامي ماڻهن جا حق مڃيل آهن ۽ دنيا جا ملڪ ۽ انهن جا حڪمران ان قانون عمل ڪري رهيا آهن پر اسان ملڪ جي انساني،اخلاقي آئيني قانوني قدرن جي لتاڙ ڪندي ڪارخانن جي مالڪن ۽ انتظاميا مقامي ماڻهن جي تذليل ڪئي پئي وڃي جنهن تي چونڊيل نمائندا اسيمبلي وزير مشير خاموش آهن تڏهن ماڻهو مجبور ٿي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ رستن تي نڪرن ٿا هنن پي ڪي گوشٽ ڪمپني جي مالڪ جيڪو ملير ۾ سمورين گوشت ڪمپنين جو مالڪ آهي جنهن هٿ وٺي مقامي پورهيت جي دشمن منشين ۽ ٺيڪيدارن کي کلي چوٽ ڏئي ڇڏي آهي جن 25 سالن کان ڪم ڪندڙ پراڻن ملازمن کي رڳو مقامي هجڻ جي بنيادن تي فارخ ڪري سنچ کان ٻاهر جا ماڻحو گهرائي ڀرتي ڪيا آهن هنن چيو ان ظلم ۽ ٻه اکيائي خلاف سر سان ڪفن ٻڌي حقن لاءِ نڪتا آهيون سنڌ حڪومت،ليبر کاتي سميت سمورين سياسي جمائتن انساني حقن توڙي مزدور تنظيمن کي پي ڪي گوشت ڪمپني خلاف اسان جي مدد ڪرڻ گهرجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير جدوجهد ڪميٽي
0 تبصرے