English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جهمپير ويجهو ونڊ انرجي ڪمپني جي مقامي ملازمن جو انتظاميه خلاف احتجاج
views
|
26th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملازمن ڪمپني جي مک گيٽ آڏو علي خان چانگ، رفيق چانگ، منور چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو
ٺٽو(ڊر) جهمپير لڳ ڪوھستاني پٽي ۾ قائم هوا مان بجلي پيدا ڪندڙ ماسٽر ونڊ انرجي ڪمپني ۾ ڪمپني انتظاميہ طرفان مقامي ملازمن سان ناانصافيون جاري، ان سلسلي ۾ متاثر مقامي ملازمن پاران کين تمام گهٽ پگهارون ملڻ توڙي سالانہ بونس سميت گهربل سهولتون نه ملڻ خلاف ملازمن پاران ڪمپني جي مک گيٽ آڏو ھڪ احتجاجي مظاھرو علي خان چانگ، رفيق چانگ، منور چانگ، علي نواز چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو ته اسان گذريل ڏهن سالن کان ماسٽر ونڊ انرجي ڪمپني ۾ ملازمت ڪري رهيا آھيون، پر اسان کي هن مهانگائي جي دور ۾ به صرف ساڍا 27 هزار روپيہ پگهار ڏني پئي وڃي، جيڪا تمام گهٽ آھي، جنھن مان گھر جو گذر سفر بہ ڪري نٿا سگھون. ھنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران ملازمن جي پگهار 37 ھزار روپيہ مقرر ٿيل آھي، جنھن تي ھن ڪمپني جي انتظاميہ عمل ڪرڻ لاء تيار ناھي، ان کانسواء اسانکي سالانہ بونس کان به محروم رکيو ويو آھي. ھنن چيو ته هن ڪوھستاني علائقي ۾ 25 کان وڌيڪ ونڊ ڪمپنيون لڳل آھن، جن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي بهترين پگهارون، سالانہ بونس ۽ ٻيون مراعتون ڏنيون وينديون آھن، پر ھي واحد ماسٽر ونڊ ڪمپني آھي، جنھن ۾ ڪم ڪندڙ مقامي ملازمن سان انصافيون ڪري سڀني سھولتن کان محروم رکيو ويو آھي، جنھن جو ڪير بہ نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي. هنن الزام ھڻندي چيو ته موجوده ڪمپني جي ايڊمين جو رويو بہ مقامي ملازمن سان بھتر ناھي، ھنن وس وارن کان گھر ڪئي تہ کين پگھارون وڌائي سنڌ سرڪار جي اعلان مطابق 37 ھزار روپيہ ڏيڻ سميت کين بونس سان گڏ بيون مراعتون ڏيئي ملازم آزار ايڊمين کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري کين پنهنجا جائز حق ڏنا وڃن، ٻئي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن پر امن احتجاج جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Oct 2025
•
سندھ
شرجیل انعام میمن کی الیکٹرک اور پنک ٹیکسی سروس منصوبوں پر تیز رفتار پیش رفت، ماحول دوست ٹرانسپورٹ نظام کے لیے کوششیں تیز
08th Oct 2025
•
سندھ
کراچی، سرکاری اشتہارات کی ادائیگیوں میں شفافیت کے لیے سیکریٹری اطلاعات سندھ ندیم الرحمان میمن کی زیر صدارت اہم اجلاس
08th Oct 2025
•
شوبز
اداکارہ آمنہ ملک کا تین حمل ضائع ہونے کا انکشاف
08th Oct 2025
•
شوبز
روڈ حادثے میں زخمی مشہور بھارتی اداکار چل بسا
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو 12 مزدور بازياب
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ نوجوان جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج
08th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ڪسٽم اهلڪار ظاهر ڪري مڪلي واسي شهري اغوا بعد بازياب، هڪ ڄڻو سوگهو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جهمپير ويجهو ونڊ انرجي ڪمپني
0 تبصرے