English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوجوان آرٽيفشل انٽيليجنس، سائنس، ميٿس ۽ ٻين علم ذريعي سنڌ کي بچائين. مستقبل کي بچائين: اياز لطيف پليجو
195 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو خاص مهمان طور ڊاڪٽر زرتاب محمود ڪاتيار، ڊاڪٽر زرقا الھورايو ڪاتيار سميت 50 نياڻين کي ايوارڊ ڏنا
حيدرآباد(بيورو)ھيلٽن ونگز آف اينويشن پاران لطيف آباد حيدرآباد پاران ڇوڪرين جي حوصلا افزائي لاءِ سالياني ايوارڊ تقريب ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شرڪت ڪئي، بھترين ڪارگردي تي ڊاڪٽر زرتاب محمود ڪاتيار، ڊاڪٽر آف فارميسي زرقا الھورايو ڪاتيار سميت سنڌ جي 50 نياڻين کي ايوارڊ کي ايوارڊ ڏنا. ان موقعي تي ايوارڊ کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ ناليواري قانوندان اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ تعليم سان ئي معاشري ۾ سجاڳي اچي ٿي. آئون سنڌ جي نياڻين ۽ نوجوانن کي اپيل ٿو ڪريان تہ ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا غير معياري سرگرمين تي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ علم حاصل ڪن، ڇوتہ علم ئي بيداريءَ جو ذريعو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھڪڙي قابل نوجوان، ھڪڙي باصلاحيت نياڻيءَ کان جڏھين سندس روزگار جو حق کسيو ٿا، انھن جي محنت ۽ ميرٽ جو سودو ڪيو ٿا تہ اھو صرف ان ھڪ فرد نہ سڄي خاندان جي مسقبل جو قتل آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان علم ۽ ميرٽ سان سنڌ جون واڳون سنڀالين.سنڌ جا نوجوان اڪيڊمڪ پڙھائي سان گڏ ادب پڙھن، تاريخ پڙھن، شاعري پڙھن، سائنس پڙھن، ان سان اسين دنيا ۾ مٿانھين زندگي گذارينداسين. پاڻ کي ڌرتي ۽ انسانن سان جوڙينداسين. اڪيلا اڪيلا رڳو پئسن لاءِ نہ جيئنداسين. ادب ۽ تاريخ ڌرتي، سماج ۽ دنيا سان جوڙين ٿا.جيڪڏھن ٻولي نہ ھوندي، ڪلچر نہ ھوندو، ادب نہ ھوندو، موسيقي نہ ھوندي تہ اھي اندران کالي ھوندا، کوکلا ھوندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان سنڌ جو مستقبل آھن. آرٽيفشل انٽيليجنس، سائنس، ميٿس ۽ ٻين علم ذريعي سنڌ کي بچائين. مستقبل کي بچائين. بيڊ گورننس ۽ ڪرپشن سنڌ کي خطري ۾ آڻي ڇڏيو آھي.اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا بہ يونيورسٽي عالمي معيار جي آھي تعليم، سائنس ۽ ترقي حڪمرانن جي ايجنڊا ناھي. ڪرپشن، ڦرلٽ، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ ملڪ دشمن پاليسيون جوڙڻ دستور بنجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ موجوده حڪمران پھريون ڀيرو اقتدار ۾ ناھن آيا، آھي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بار بار مسلط ڪيا ويا آهن، جنھن جو نتيجو آھي جو دنيا جي ٽاپ 350 يونيورسٽين ۾ پاڪستان جي هڪ بہ يونيورسٽي شامل ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ موجود يونيورسٽين ۽ تعليمي نظام جو سنڌ ۾ وڌيڪ ٻيڙو ڀڏل آھي. پنجاب ۽ اسلام آباد جون يونيورسٽيون ۽ اتي جو تعليمي نظام سنڌ کان تمام گھڻو بھتر ۽ اڳتي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيا آھن. يونيورسٽيز مان شاگردياڻين جا لاش ملن ٿا. سھولتون ناھن. تعليمي معيار ناھي. شاگرد ناانصافين جو شڪار آھن. ڪرپشن ۽ بدعنواني يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شاگرد پڙھڻ چاھين ٿا پر انھن لاء معياري لائبرريون ناھن. جيڪي لائبريريون موجود آھن انھن ۾ شاگردن جي ويھڻ جي گنجائش ناھي. تقريب ۾ مختلف علائقن مان آيل سماجي اڳواڻن، استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ نياڻين کي ڀرپور داد ڏنو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھيلٽن ونگز آف اينويشن
اياز لطيف پليجو خاص مهمان
لطيف آباد حيدرآباد پاران
0 تبصرے