ملير هالٽ وٽ هٿياربندن سينئر صحافي امتياز مير کي گوليون هڻي زخمي ڪيو جنهن اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ماضي جو پرامن ضلعو ملير گذريل ٻن مهينن دوران خونريز وارداتن ۽ ڦرلٽ جي ڪري مقتل گاهه بڻجي ويو آهي هڪ سروي موجب صرف ٻن مهينن ۾ پنج پوليس اهلڪار، هڪ سينيئر صحافي، ٽي کڌڙا فقير۽ ڪيترائي عام شهري قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڦرلٽ ۽ ڊڪيتين جا سئو کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جنهن سبب علائقي جا لکين رهاڪو خوف ۽ بي چيني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ضلع ملير ۾ امن جا محافظ پاڻ قاتلن جو نشانو بڻجي ويا آهن. ٿاڻو بن قاسم جي حدن ۾ اي ايس آءِ محمد خان ابڙو کي گولين سان شهيد ڪيو ويو، هيڊ ڪانسٽيبل عبدالڪريم جوکيو کي ميمن ڳوٺ ٿاڻي جي ڀرسان نشانو بڻايو ويو، ساڳئي ٿاڻي جو ڪانسٽيبل متيرو ڀرگڙي به پنهنجي ئي علائقي ۾ شهيد ٿيو. گلشن معمار ٿاڻي جي حدن ۾ ڪانسٽيبل صدام حسين قتل ٿيو، جڏهن ته ٿاڻو سڪڻ جي علائقي ۾ رٽائر ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ اي ايس آءِ قيصر علي کي هٿياربندن شهيد ڪري ڇڏيو. هو سعود آباد ٿاڻي ۾ مقرر هو ۽ ذاتي ڪم سان گڏوگڏ ڀينس ڪالوني آيل هو ملير جي ڪالا بورڊ تي نامعلوم هٿياربندن سينيئر صحافي امتياز مير تي قاتلانو حملو ڪيو، هو سخت زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو پر زخمن جي تاب نه آڻي شهيد ٿي ويو. قائدآباد ۾ شاهه جهان عباسي سميت ٻه شهري قتل ڪيا ويا، جڏهن ته شاهه لطيف ٽائون ۾ محمد وسيم کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. ميمن ڳوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ ٽي خواجه سرا قتل ڪيا ويا، جڏهن ته ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ ٽن عورتن جن ۾ هڪ معصوم نينگري به شامل هئي جا ڳلا ڪٽي قتل ڪيو ويو. ضلع ملير جي مختلف ٿاڻن ملير سٽي، شاهه لطيف، اسٽيل ٽائون، بن قاسم، ميمن ڳوٺ ۽ گڊاپ ۾ ڦرلٽ، ڊڪيتين ۽ ڀتوخوري معمول بڻجي چڪا آهن. شاهه لطيف ٽائون ۾ صحافي طارق جان سميت ڪيترائي شهري ڦرلٽ جو شڪار ٿيا ملير سٽي ٿاڻي جي حدن ۾ جيلاني شاپنگ سينٽر تي 5 ڪروڙ ڀتو نه ڏيڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري خوف پکيڙي ڇڏيو، پر ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو. ڊڪيتين ۽ قتل سان گڏ علائقي ۾ منشيات فروشي به عروج تي آهي گٽڪو، ماوو، چرس، آئس ۽ شراب جا اڏي کليل عام هلي رهيا آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تماشو ڏسي رهيا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موجودگي باوجود امن بحال ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿي آهي. شاهين فورس ۽ انٽيليجنس ادارن باوجود ضلع ۾ قتل، ڦرلٽ ۽ منشيات جو ڪاروبار جاري آهي. شهري آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ چيف جسٽس پاڪستان کان گهر ڪري رهيا آهن ته فوراً نوٽيس وٺي سخت ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي.
0 تبصرے