English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي شاگرد تحريڪ(ڪيو اي ٽي) پاران ٻن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو ۽ ميمبرشپ ڪيمپ لڳائي وئي
views
|
01st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ، مھراڻ ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽين جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ڪتابي ميلو ۾ پھچي ڪتاب خريد ڪيا
ڄامشورو (رپورٽر) سنڌي شاگرد تحريڪ(ڪيو اي ٽي) پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ سينٽرل لائبريري ڀرسان ٻن ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو ۽ ميمبرشپ ڪيمپ لڳائي وئي سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ڪتابي ميلو ۾ پھچي وڏي تعداد ڪتاب خريد ڪيا. مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ميمبر شپ ڪئمپ تي پھچي 100 کان مٿي شاگردن سنڌي شاگرد تحريڪ شامل ٿي ميمبر شپ ڪرائي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ يونيورسٽي جي صدر عامر کوسو خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن پنھنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاء سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو آھي۔ شاگردن جي سجاڳي ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آھي۔ سنڌ جو ھر نوجوان تعليم يافته ھجي ۽ سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي. سنڌ جي ترقي بي پناھ محنت ۽ تعليم سان ئي ممڪن آهي. اشفاق اشرف پليجي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا. ميرٽ ناھي تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي. نعيم شر خطاب ڪندي چيو تہ اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنٽيفڪ ھجڻ گھرجي. نوجوان سنڌ ۾ ڏوھن ۽ جھالت جو رستو روڪين ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ ۾ ميريٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آھي، انٽري ٽيسٽ ذريعي ميڊيڪل جون سيٽون نيلام ڪيون وينديون آهن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪري ڪڙورين روپيا وٺي نوڪريون وڪرو ڪيون ويون. فرمان ڪپري خطاب ڪندي چيو تہ جاھل حڪمرانن سنڌ جي تعليمي نظام کي تباهي جي ڪناري تي بيهاري ڇڏيو آهي.سنڌ جي تعليم جي تباھي سنڌ تي وڏو حملو آھي. سنڌ بلوچستان ۽ ڪشمير کان بہ تعليم ۾ پٺتي پيل آھي. مھدي حسن لغاري خطاب ڪندي چيو تہ دنيا محنت ۽ ميرٽ وارن جي آھي. پ پ چاھي تہ ٿي ماڻھو سوال نہ ڪن. محنت ۽ تعليم کان پري ھجن ۽ ووٽ ڏيڻ جي مشين ھجن. ظاھر ڪپري، پرمنان ڪرشن، زبير پليجو، وقار جيسر، ياسرجلباڻي، رضوان لاشاري، خان محمد ٽالپر، معضم ڀرڳڙي، ڪاشف چاچڙ، جرور لال، نريش ڪمار، آصف جوڳي، امجد رشيد ۽ ٻين ڪارڪنن ڪتابي ميلي ۾ رضاڪاري جا فرض انجام ڏنا ميلو سڀاڻي (اڄ) جاري رھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ميمبر شپ
0 تبصرے