English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ اقليتن سان ناانصافي خلاف احتجاجي مظاهرو، حڪومت کان ڪوٽا وڌائڻ جو مطالبو
192 views
|
03rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
مظاهري جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن ڪيلاش، لالجي، چوئٿرام، پون، چندر ۽ ٻين ڪئي
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ پوليس ۾ ڀرتي جي مرحلي SPD:01 دوران اقليتن سان ٿيل مبينا ناانصافي خلاف عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏ ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مقررِين جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ اقليتن کي هميشه نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي، جڏهن ته سرڪاري ادارن ۾ اقليتي نوجوانن لاءِ مختص ڪيل ڪوٽا موجود هوندي به ان تي مڪمل عمل نٿو ڪيو وڃي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته اقليتي برادري جا تعليم يافته ۽ حقدار نوجوان بيروزگار پيا رهن، جيڪي ناانصافيءَ جو شڪار آهن، مظاهري جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي، ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن ڪيلاش، لالجي، چوئٿرام، پون، چندر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت فوري طور اقليتي ڪوٽا ۾ اضافو ڪري ۽ SPD:01 ۾ ٿيل مبينا ناانصافين جو جائزو وٺي، ته جيئن اقليتن سان ٿيل ڏک ختم ٿي سگهي، هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت هن اهم معاملي تي نوٽيس نه ورتو ته احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪَ سخت ڪيو ويندو ۽ ان کي پوري صوبي ۾ وڌايو ويندو، مقررِين مطالبو ڪيو آهي ته، اقليتي ڪوٽا وڌائي وڃي، SPD:01 جي ڀرتين ۾ ٿيل مبينا ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي، حقدار اقليتي اميدوارن کي فوري طور نوڪرين ۾ شامل ڪيو وڃي، مقررِين وڌيڪَ چيو ته اقليتي نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن ۽ کين نظرانداز ڪرڻ قومي ناانصافي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
سنڌ پوليس ۾ ڀرتي جي
عمرڪوٽ ۾ اقليتن سان
0 تبصرے