English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ نوجوانن جي قيادت لاءِ مثالي قدم سيو دي لائوز فائونڊيشن پاران ٽريننگ سيشن مڪمل
views
|
05th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڇھين يوٿ ليڊرشپ ٽريننگ ڪاميابي سان مڪمل، پاڪستان يوٿ ليڊرشپ انيشيٽو تحت 36 نوجوانن کي تربيت ڏني وئي
هن پروگرام کي وزيراعظم يوٿ پروگرام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، واٽر ايڊ، يو اين ڊي پي، ۽ سول سوسائٽي تنظيمن جي ڀائيواري حاصل آھي،مقرر عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سيو دي لائوز فائونڊيشن (Save the Lives Foundation) پاران پاڪستان يوٿ ليڊرشپ انيشيٽو (PYLI) جي منصوبي تحت عمرڪوٽ ۾ ڇھين يوٿ ليڊرشپ ٽريننگ ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جا 36 نوجوان مرد ۽ عورتون شرڪت ڪئي، PYLI ھڪ ٽي ساله تبديلي آڻيندڙ قومي پروگرام آھي، جيڪو برٽش ڪائونسل پاڪستان جي اڳواڻي ۾ ۽ ايجوڪيشن ابوو آل فائونڊيشن جي ريچ آئوٽ ٽو آل (ROTA) پروگرام جي سهڪار سان عمل هيٺ آھي، هن پروگرام کي وزيراعظم يوٿ پروگرام، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، واٽر ايڊ، يو اين ڊي پي، ۽ سول سوسائٽي تنظيمن جي ڀائيواري حاصل آھي، PYLI جو بنيادي مقصد ملڪ جي مختلف علائقن مان 90 هزار نوجوانن کي گلوبل سٽيزن شپ ايجوڪيشن، قيادت ۽ ڪلائميٽ ايڪشن بابت تربيت ڏيڻ آھي، جيئن اھي نوجوان پائيدار ترقي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ اڳڀرا ٿي سگھن، چار ڏينهن تي مشتمل هن تربيت دوران نوجوانن کي قيادت ۽ سماجي خدمت جا اصول، ماحولياتي ذميواري، ڪميونٽي ليڊرشپ ۽ گلوبل سٽيزن شپ جا عملي سبق سيکاريا ويا، تربيت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ، شرڪت ڪندڙ نوجوان پنهنجي علائقن ۾ يوٿ ليڊ ايڪشنز (YLAs) شروع ڪندا، جن ۾ فضلي (ڪچري) جو منظم انتظام، پاڻي جي بچت ۽ تحفظ، قابلِ تجديد توانائي جي واڌاري، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ماحولياتي آگاهي پروگرام شامل آھن، سيو دي لائوز فائونڊيشن جي نمائندن چيو ته اسان جو مقصد نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، انهن ۾ قيادت ۽ ماحولياتي شعور پيدا ڪرڻ آهي، جيئن هو پنهنجي ڪميونٽيز ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن، فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته PYLI ذريعي تربيت حاصل ڪندڙ نوجوان مستقبل ۾ پاڪستان جي ماحولياتي استحڪام ۽ پائيدار ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Save the Lives Foundation
PYLI
سيو دي لائوز فائونڊيشن
0 تبصرے