گڏيل قومن به مقامي ماڻهن جا حق مڃيا آهن پر بدقسمتي سان اسان اڃا به محروم ۽ ننڌڻڪا بڻيل آهيون:مقرر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جدوجهد ڪميٽي طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ “مقامي ماڻهن جا قانوني حق” جي عنوان سان ليڪچر/مذاڪرو پروگرام منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملير جي مختلف علائقن مان سماجي ڪارڪنن، ڳوٺاڻن، شاگردن ۽ سياسي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جو مقصد مقامي ماڻهن کي سندن قانوني حقن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ موجوده صورتحال تي بحث ڪرڻ هوپروگرام جي خاص مهمان ۽ مقرر، سنڌ جي نالي ور سماج سڌارڪ ۽ سنڌ انڊيجينس رائيٽس الائنس جي مرڪزي صدر خدا ڏنو شاه ليڪچر ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ مقامي ماڻهن کي قومن جي وجود جو بنيادي ڪارڻ مڃيو ويو آهي. اسان سنڌي ماڻهو صدين کان هن ڌرتي تي آباد آهيون، اسان جي تاريخ، ٻولي، ثقافت ۽ وسيلن جو پنهنجو هڪ سڃاڻپ آهي. گڏيل قومن (United Nations) به مقامي ماڻهن جا حق مڃيا آهن، پر بدقسمتي سان اسان اڃا به محروم ۽ ننڌڻڪا آهيون. اسان جا وسيلن اسان کان کسيا پيا وڃن، اسان کي پنهنجي ئي ڌرتي تي پرڏيهي بڻايو پيو وڃي.خدا ڏنو شاه زور ڏنو ته مقامي ماڻهن کي عالمي قانونن ۽ انساني حقن بابت ڄاڻڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجا حق قانوني طريقي سان حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي اعلاميي موجب مقامي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي، وسيلن، ثقافت ۽ زبان تي مڪمل حق حاصل آهن، پر انهن تي عملدرآمد لاءِ منظم جدوجهد جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سامي ميمڻ، جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ فيض سنڌي، غفور شاه تقوي، وهاب گبول، اقبال ڪلمتي، منظور ابڙو ۽ اورنگزيب جوکيو پڻ مذاڪري ۾ حصو ورتو فيض سنڌي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملير ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻن کي نوڪري، تعليم ۽ صحت جي سهولتن مان محروم رکڻ سماجي ناانصافي آهي. اسان جي نوجوانن کي مقامي صنعتي ادارن ۾ روزگار نٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته ٻاهرين ماڻهن کي گهرائي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪو واضح طور تي ظلم آهي.غفور شاه تقوي چيو ته زمينن ۽ قدرتي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو حق آهي، پر انهن کي جبري طور تي کسي منصوبن ۽ پرڏيهي ڪمپنين حوالي ڪيو پيو وڃي. جيستائين مقامي ماڻهن کي سندن وسيلن تي اختيار نه ملندو، تيستائين ناانصافيون ختم نه ٿينديون.وهاب گبول ۽ اقبال ڪلمتي چيو ته مقامي ماڻهن جي حقن لاءِ قانوني، سياسي ۽ سماجي سطح تي گڏيل تحريڪ هڻي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور تي اهڙا قدم کڻي، جن سان مقامي ماڻهن کي سندن حصي جا حق ۽ نوڪريون ملي سگهن ۽ سندن ثقافتي سڃاڻپ جو تحفظ ٿئي. منظور ابڙو ۽ اورنگزيب جوکيو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نوجوانن ۾ قانوني شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پنهنجن حقن لاءِ شعوري طور تي جدوجهد ڪري سگهن. اسان کي اتحاد سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ پنهنجي وسيلن ۽ حقن لاءِ قانوني، جمهوري ۽ پرامن جدوجهد جاري رکڻي پوندي.پروگرام جي پڄاڻي تي جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته جلد علائقي ۾ قانوني حقن بابت وڌيڪ آگاهي پروگرام، سيمينار ۽ تربيتون ڪرايون وينديون، ۽ جيڪڏهن حڪومت ۽ ادارا مقامي ماڻهن جي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم نه کنيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0 تبصرے