نوشهروفيروز ۾ ڊينگي وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت

نوشهروفيروز ۾ ڊينگي وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت

نوشهروفيروز(ڊر) ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ڊينگي جهڙي خطرناڪ بيماري تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي۔ ڊينگي وائرس سبب علي حيدر جان جهڙو نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو بخار ۽ ٻين وبائي بيمارين ۾ مبتلا آهن۔ سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ بنيادي صحت جون سهولتون ناياب آهن، مريض مناسب علاج کان محروم آهن۔ ملييريا ڊپارٽمينٽ به پنهنجي اصل ذميوارين بدران بجيٽ ۽ صفائي جي ڪاررواين ۾ مصروف ڏسجي ٿو۔ ان وقت حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا مڪمل طور بي حس ۽ تماشائي بڻيل آهن، جڏهن ته عوام بي يارو مددگار حالتن جو شڪار آهن۔