کپرو ۾ معصوم نينگر سان بدفعلي خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو

اوڏ برادري پاران جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

کپرو ۾ معصوم نينگر سان بدفعلي خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) چار ڏينهن اڳ کپرو ۾ معصوم پرمانند اوڏ سان ٿيل بيدردي واري ڏاڍائي واقعي خلاف اوڏ برادري جي ماڻهن پاران عمرڪوٽ ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي ريلي جناح پارڪ عمرڪوٽ کان شروع ٿي پريس ڪلب تائين پهتي، جتي مظاهرين سخت نعاري بازي ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي انجنيئر ميرچند اوڏ، وڪيل سھڻو اوڏ، وڪيل ڀاڳچند اوڏ ۽ ٻين سماجي اڳواڻن ڪئي، مظاهرين انجنيئر چندر، سائين رام سنگھ، انجنيئر ميرچند، مستري گل، وجيش راج، ڊاڪٽر اشوڪ، رميش ٿري سميت ٻين جو چوڻ هو ته کپرو ۾ اوٻاش ڇوڪرن معصوم پرمانند کي نشو ڏئي زيادتي جو نشانو بڻايو، پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي، جيڪو انصاف سان کليل مذاق آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن کپرو پوليس فوري طور جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو ۽ روڊ بلاڪ مظاهرا پڻ ڪيا ويندا، مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي فوري طور گرفتار ڪري معصوم پرمانند کي انصاف ڏياريو وڃي.