هڪ ڏينهن واري 38ھين عرس مبارڪ تي جاويد مصطفي ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ صوفي راڳين جو سُنگ ڪڍيو ويو
مورو (جاني جماڻي)مورو شھر جي مشھور صوفي بزرگ حضرت سيد غوث علي شاھ المعروف پيارو سائين رح جو ساليانو 38 ھون هڪ روزه عرس مبارڪ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. درگاھ جي ولي عهد جاويد مصطفي ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ صوفي راڳين جو سُنگ ڪڍيو ويو جنهن ۾ فقيرن مريدن عقيدت مندن شھرين اديبن شاعرن ليکڪن دوڪاندارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پياري سائين جي مزار تي پهچي درگاهه تي چادر چاڙھي وئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي لاء خصوصي دعا گهري وئي، جڏهن ته عرس مبارڪ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محمد مستقيم قريشي، وزير داخلا سنڌ جو ڪو آرڊينيٽر احمد نواز بهڻ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نذير احمد ميمڻ، ر ڊي ايس پي صلاح الدين ميمڻ ،صحافي جاني جماڻي اڪبر وينجهر، نور سمون ليکڪ محقق رسول بخش ٻگھيو، حاجي نثار ميمڻ، پرويز علي مورو، ذوالفقار علي ڀٽي ء ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي درگاھ جي گادي نشين صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو ولي عهد جاويد مصطفي ڪانڌڙو چيو تہ سنڌ جي ڌرتي صدين کان صوفي ازم جي مرڪز طور سڃاتي ويندي آهي. سنڌ جا صوفي بزرگ نه رڳو مذهبي هم آهنگي جا پرچارڪ هئا، پر انهن پنهنجي سموري زندگي انسانيت، محبت، ۽ اخلاقيات جي پرچار ۾ گذاري. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ذريعي مذهبي رواداري ۽ مختلف عقيدن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾ سڀني مذهبن جي عزت ۽ احترام جي ڳالهه ڪئي. قلندر شهباز به انساني ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏنو، جنهن ڪري سنڌ کي هميشه امن، رواداري ۽ محبت جي ڌرتي سمجهيو ويندو هو. درگاھون پيار محبت امن جو درس ڏين ٿيون ھنن درگاھن تان صوفي ازم ۽ انسانيت جو پيغام ملي ٿو ھن چيو تہ پيارو فقير ھميشه انسانيت جي ڀلائي سک جون دعائون ڏيندو رھيو ھن جا ڪيترائي معجزا آھن ۽ ھن درگاھ تان ماڻھون فيضياب ٿيا آھن. بعد ۾ ھڪ صوفياڻي راڳ جي محفل منعقد ٿي جنھن کي صوفي فنڪارن شهباز علي زرداري، فقير پير روشن علي، فقيرقادر بخش عمراڻي، علي داد لغاري، عبدالغني چوهاڻ، اختر ڪولاچي، محمد شريف زرداري، سڪندر سمون ء ٻين صوفياڻي ڪلام ڳائي ويٺل تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ لنگر عام تقسيم ڪيو ويو جڏهن ته صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل پرھ ڦٽي تائين جاري رهي. ھن محفل ۾ نويد جوکيو، بشير احمد لغاري، حاجي محمد صادق راھو، حڪيم محمد يونس سولنگي، ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0 تبصرے