ڏوڪري: يوسي وڪڙو جي چيئرمين پاران ڳوٺن ۾ مڇرمار ڦوهارو ڪرايو ويو

ڏوڪري: يوسي وڪڙو جي چيئرمين پاران ڳوٺن ۾ مڇرمار ڦوهارو ڪرايو ويو

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل وڪڙو جي چيئرمين پاران ڳوٺن ۾ مڇرمار ڦوهارو ڪرايو ويو. يونين ڪائونسل وڪڙو جي چيئرمين شڪيل احمد سولنگي پاران يونين ڪائونسل وڪڙو جي ڳوٺن ڏيرا ڳوٺ، بينظير ڪالوني، چنا ماڇي، چنا موچي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو ويو ان موقعي تي يوسي وڪڙو شڪيل احمد سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت جي هدايتن تي يونين ڪائونسل وڪڙو جي ڳوٺن ۾ مڇرمار اسپري ڪرائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ڳوٺن جي گھٽن ۾ اسولر اسٽريٽ لائيٽس لڳائي گهٽين کي روشن ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته يونين ڪائونسل وڪڙو جي عوام جي خدمت ڪرڻ فرض آهي جيڪو فرض نڀائي رهيو آهيان.