English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: محمد علي پٺاڻ جي نئين ڪتاب "عجب جھڙا انسان" (خاڪا) جو مهورت
34 views
|
09th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
محمد علي پٺاڻ جي ڏوھٽي مُعِزُ پٺاڻ ۽ ڏوھِٽي حورين پٺاڻ (جونيئر شھر بانو پٺاڻ) ھٿان مھورت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي سينيئر ڪھاڻيڪار، شاعر، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار محمد علي پٺاڻ جي نئين ڇپيل چاليھين ڪتاب "عجب جھڙا انسان" (خاڪا) جو سندس ڏوھٽو مُعِزُ پٺاڻ ۽ ڏوھِٽي حورين پٺاڻ (جونيئر شھر بانو پٺاڻ) جي ھٿان مھورت ڪئي وئي. ڪتاب جو مھاڳ ڊاڪٽر شير مھراڻي ۽ پيش لفظ آفتاب سُرھيي لکيو آهي. ان کان سواءِ مختصر راءِ ڊاڪٽر جاويد عباسي جي ۽ انگريزيءَ ۾ ڄام جماليءَ مفصل مضمون لکيو آهي. جڏهن ته بيڪ ٽائيٽل لاءِ سِٽون امر پيرزادي جون تحرير ٿيل آهن. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ سنڌ جي موجوده دور جي ليجنڊ ڪھاڻيڪارا ۽ ناول نگار جھان آرا سومرو کي ڪئي وئي آهي. مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، پاران ڇپيل ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھنجي امڙ عائشه خاتون عباسي، سوڀي گيانچنداڻيءَ، شيخ اياز، تاج بلوچ، انور بلوچ، جوھر بروهيءَ، بادل جماليءَ، بدر ابڙي، شھيد ملير مرتضيٰ بلوچ، زرار پيرزادي، عيد سولنگياڻيءَ، مامي رمضان ساريي، لياقت راڄپر، منظور قادر، استاد محمد بچل عباسي، خان محمد چانڊيي، حافظ نظير عباسي، ڊاڪٽر جاويد شيخ ۽ علي ڏني چني بابت لکيل خاڪا شامل ڪيل آهن. ڪتاب جو ملهه چار سئو رپيا آهي. جيڪو سنڌ جي سمورن بڪ اسٽالن تي دستياب آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
محمد علي پٺاڻ
عجب جھڙا انسان
ملير
0 تبصرے