شهر جي درگاهه پير مٺا کان ريلي ڪڍي وئي جنهن مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناح باغ چوڪ وٽ جلسي جي شڪل اختيار ڪري ورتي
لاڙڪاڻو (بيورو)اتحاد اهلسنت پاڪستان ضلعي طرفان فلسطيني عوام سان اظهار يڪجهتي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف شهر جي درگاهه پير مٺا کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناح باغ چوڪ تي پهچي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي. جنهن ۾ درگاھ پير مٺا جي گادي نشين پير عبدالغفار ثاني، درگاھ حسين آباد قمبر جي سيد نصرالله شاهه بخاري، درگاهه قاسميه مشوري شريف جي محمد ادريس مشوري، سيد محمد حفيظ الله شاهه، شيخ حافظ بشير احمد حسيني، سميت ٻين عالمن ۽ عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي عالمن چيو ته فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسرائيلي ظلم، جبر ۽ ناانصافي جو شڪار آهي، اسرائيل طرفان فلسطيني سرزمين تي قبضي، تشدد ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي فلسطيني عوام پنهنجي حق خوداراديت لاءِ پرامن جدوجهد ڪندي پنهنجي سرزمين، پنهنجي گهرن ۽ پنهنجي آزاديءَ لاءِ آواز بلند ڪري رهيا آهن جن جي پرامن جدوجهد جي اسين پاڪستاني قوم ڀرپور حمايت ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ فلسطيني عوام جي جدوجهد صرف انهن جي ناهي، اها هر ان انسان جي جدوجهد آهي، جيڪو آزادي، انصاف ۽ انسانيت تي يقين رکي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان عالمي برادري مظلوم فلسطينين مٿان جاري ڏاڍ تي خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن چيو ته اسرائيل پاران فلسطيني شهرين تي بمباري، گهرن جي تباهي ۽ معصوم ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جو قتلِ وڏو انساني الميو آهي، جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي تنهن ڪري اسان سڀني جو فرض آهي ته فلسطيني عوام جي حق ۾ هر فورم تي ڀرپور آواز اٿاريون ۽ عالمي ادارن خاص طور اقوام متحده کي گهرجي ته هو اسرائيلي ڏاڍ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي فلسطيني عوام کي سندن جائز حق ڏياري. اسان سڀ گڏجي فلسطيني عوام جي حمايت ۾ آواز اٿاري اسرائيلي ڏاڍ جي خلاف متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان متحد نه ٿياسين ته اڄ فلسطين ۽ سڀاڻي اسان جو به وارو اچڻو آهي تنهن ڪري فلسطين جي آزاديءَ تائين انصاف جي فتح ۽ فلسطين جي جدوجهد لاءِ حمايت جاري رکي ويندي.
0 تبصرے