English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي ۽ ڪسان بورڊ طرفان ڪاشف شيخ جي قيادت ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ ھاري حقدار ريلي
105 views
|
13th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
آچر19 آڪٽوبر تي هارين سان ناانصافين خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا؛ ڪاشف سعيد شيخ
ڪراچي/ ڪنڌڪوٽ( رپورٽر)13 آڪٽوبر2025 جماعت اسلامي ڪسان بورڊ پاران سارين جي اگھن ۾ گھٽتائي توڙي ناجائز ڪٽوتي خلاف سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي قيادت ۾ گھنٽا گھر کان ھارين جي حقن لاءِ ريلي ڪڍي ويئي جنھن ۾ ھاري آباد گار توڙي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. شرڪاء ھارين کي حق ڏيو سارين جو اگھ ڏيو جا نعرا ھڻندي Dc آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو تہ ھارين کي ھاري ڪارڊن نہ پر پنھنج فصل سارين جو اگهه ڏيو. ھارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي.ھن گھر ڪئي تہ آبادگارن سان ناانصافي ختم ۽ سارين جو اگھ گھٽ ۾ گھٽ چار ھزار رپيا ڪيو وڃي. ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سڄي سنڌ ۾ هاري ۽ زميندارگذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لاڳيتو پاڻي جي کوٽ، ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ٿيڻ مهانگي ٻج، دوائن جي اڻ هوند خلاف سراپا احتجاج آهن، پر گونگن ۽ ٻوڙن حڪمرانن جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري. اٽو پنج هزار رپيا مڻ جڏهن ته ڪڻڪ ۽ ساريون 2200 سئو رپيا مڻ خريد ڪرڻ آخر اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟ صوبائي امير وڌيڪ چيو ته هتان جا وڏا سرمايادار ۽ ملن جا مالڪ فصل لهڻ شرط ھاريء ۽ آبادگار جي پوکيل ھر جنس سستي اگھ تي وٺن ٿا. جڏھن تہ ان خريد ڪيل جنس مان سرمائيدار، ڪارخانيدار پنھنجي ٺاھيل پراڊڪٽ ، چانور، کنڊ، اٽو، گيھ، آئل ۽ ٻيون شيون ڊبل اگھ تي وڪرو ڪري ڪروڙ پتي مان کرب پتي بڻجي ويا آهن، پر هاري ۽ ننڍا آبادگار اڄ به بُک ۽ بدحالي جو شڪار آهن. ھن وقت سرمائيدارن ، ايڪسپورٽرن ۽ رائيس ملرز پاران ملي ڀڳت ڪري سارين جو ريٽ ڪيرائي ڇڏيو آھي پر ھڪ مھيني کان پوء جڏھن ساريون سرمائيدار جي گدامن ۾ بند ٿينديون تہ ريٽ چار ھزار کان بہ چڙھي ويندو. هارين کي اوهان جي هاري ڪارڊن جي ضرورت ڪونهي بس زراعت دشمني ختم ڪري کين فصلن جا جائز ريٽ ڏنو وڃي. اڄ حالت اها آهي جو زمـينـدار پـنڌ پيـا ھلـن ۽ دوائــن جــي ڪمپنـن وارا اي سـي وارين گاڏيـن ۾.گذريل 15سالن کان سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند ، ڪڻڪ توڙي سارين جو مناسب اگهه نه پيو ملي.سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن خلاف فيڪٽرين، سيٺن ۽ حڪومتي ڳٺ جوڙ جي ڪري زراعت تباهي جو شڪار ٿي وئي آهي. سنڌ حڪومت ان ظلم ۾ برابر جي شريڪ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا وزير ۽ مشير مل مافياز ۽ سيٺن سان مليل آهن. ڪاشف سعيد شيخ سنڌ حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو ته هارين ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، سورج مکي سميت ڪيش ڪراپ جو جائز اگهه ڏيڻ سميت ڍل، آبيانو ۽ لئينڊ ٽيڪس توڙي ٻيا چارجز ۽ زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. ٻج ڪيميائي ڀاڻ، ڊيزل جي اگهن ۾رعايت ڪئي وڃي.ننڍن آبادگارن کي اڌ قيمت تي ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار ڏنا وڃن.زرعي ٻجن جو بهتر اگھه تي ملڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ننڍا آبادگار ۽ ھاري دڪاندارن جي ڳاٽي ٽوڙ اگهه تي زرعي ٻج خريد ڪرڻ کان بچڻ سان گڏو گڏ ترقي ڪري سگهن.ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امدادالله بجاراڻي، امير ضلع غلام مصطفى ميراڻي ۽ ڪسان بورڊ جي اڳواڻ استاد حفيظ الله گولو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جماعت اسلامي ڪسان بورڊ
ڪاشف شيخ
ڪنڌڪوٽ ۾ ھاري حقدار ريلي
ڪاشف سعيد شيخ
0 تبصرے