English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي يوسي چشما جي بجلي بند ۽ پاڻيءَ جي سخت کوٽ، رهواسي رستن تي نڪري آيا
86 views
|
17th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سوين رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت ابراهيم حيدري ٽاون قومي شاهراھ تائين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يوسي چشما جي ڳوٺن ۽ آبادين ۾ ٻن مهينن کان بجلي ۽ پيئڻ پاڻي بند هجڻ سبب سوين رهواسين عثمان خاصخيلي روحان افريدي، شاهجهان لاشاري، معين خان، صالع محمد خاصخيلي جي اڳواڻي م رستن تي نڪري قومي شاهراهه تائين احتجاجي مارچ ڪري ابراهيم حيدري ٽائون آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو.احتجاج ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن، ٻارن ۽ مردن سرڪيڪ ٿي قومي شاهراهه تي نعريبازي ڪندي ٽائون آفيس پهتا مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا هو پاڻيءَ جي بحال ڪرڙو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا رهواسين جو چوڻ هو ته ٻن مهينن کان ٽرانسفارمر سڙيل آهي، جنهن ڪري پاڻيءَ جا موٽر به بند پيل آهن ۽ گهرن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي مڪمل طور بند آهي. بجليءَ جي کوٽ سبب ماڻهو بدترين مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته انتظاميا مڪمل طور تي غائب آهي. مظاهرين چيو ته پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڳوٺاڻن جي زندگين تي گهرو اثر پيو آهي عورتون ۽ ٻار روزانو سخت پريشانين ۾ آهن پاڻيءَ جي کوٽ ۾ ماڻهو بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن.هنن چيو ته مهانگائي سبب پاڻيءَ جو ٽينڪر خريد ڪرڻ ممڪن ناهي، هڪ ٽينڪر جي قيمت 8 هزار کان 10 هزار رپيا آهي، جيڪا غريب ۽ بي وس ماڻهن جي وس کان ٻاهر آهي. نتيجي ۾ ڳوٺاڻن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي. مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور تي ٽرانسفارمر تبديل ڪري پاڻيءَ جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ قومي شاهراهه کي مڪمل طور بند ڪيو ويندو.هنن ٽائون انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي ته هو فوري طور قدم کڻي ماڻهن کي پاڻيءَ جي سهولت فراهم ڪن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جنهن جي ذميواري انتظاميا تي هوندي.مظاهري ۾ شريڪ ماڻهو ڪلاڪن تائين ٽائون آفيس اڳيان نعرا هڻي جائز مسلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪندا رهيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
يوسي چشما
0 تبصرے