نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ سول اسپتال پاران جشن آزادي جي تقريب

سڄو سال رت جي عطيي ۾ تعاون ڪندڙ آرگنائيزرن کي يادگار شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ سول اسپتال پاران جشن آزادي جي تقريب

نوشهروفيروز (ڊر) هر سال وانگر هن سال به جشن آزادي پاڪستان جي پرمسرت موقعي تي هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ سول اسپتال نوشهرو فيروز طرفان هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي۔جنهن ۾ سڄو سال رت جي عطيي ۾ تعاون ڪندڙ آرگنائيزرن کي يادگار شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا۔ان موقعي تي اي۔ايم۔ايس ڊاڪٽر بدرالدين ابڙو، ڊاڪٽر سيد مختيار علي شاهه، مئنيجر ريجنل نارٿ ريجن ريجنل بلڊ سيبٽر شهيد بينظير آباد غلام اڪبر ناريجو ۽ سماجي اڳواڻ اعجاز ممنائي خطاب ڪندي چيو ته هن عظيم موقعي تي رب پاڪ کان وطن عزيز جي امن , سلامتي ۽ ترقي لاء دعاگو آهيون هن پروگرام جو مقصد انهن دوستن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي جيڪي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ ۾ اسان سان گڏ بيٺل آهن۔ اڳواڻن چيو ته انهن سماجي اڳواڻن جي تعاون سان ئي ڊائلاسز ۽ ٿيليسيميا جي مريضن کي رت ملي ٿو اميد ته اڳتي به ائين ئي تعاون جاري رهندو۔ پروگرام جي آخر ۾ پاڪستان جي جشن آزاديء جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ۽ ريفريشمينٽ جو انتظام ڪيو ويو۔