شڪارپور ۾ نعت خوان مير معرفاڻي سان رھاڻ، سندس نعتن جي مجموعي ۽ حج سفر ڪٿآ شايع ڪرڻ جو اعلان

حاجي مير احمد معرفاڻي (مير) سان "ٻڍل لائبريري" ۾ رهاڻ جو سوشل اينڊ لٽرري فورم پاران پروگرام منعقد

شڪارپور ۾ نعت خوان مير معرفاڻي سان رھاڻ، سندس نعتن جي مجموعي ۽ حج سفر ڪٿآ شايع ڪرڻ جو اعلان

شڪارپور (احسان ابڙو) نعت خوان مير مارفاڻي سان رھاڻ سندس نعتن جي مجموعي ۽ حج سفر ڪٿآ شايع ڪرڻ جو اعلان شڪارپور ۾ سنڌ جي مشھور نعت خوان شاعر حاجي مير احمد مارفاڻي (مير) سان اسڪائوٽس هيڊڪوارٽر ۾ "ٻڍل لائبريري" ۾ رهاڻ جو سوشل اينڊ لٽرري فورم پاران شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي مير کي پيار جي نشاني طور اجرڪ ۽ گلن جا ھار پارايا ويا.ميزبان ۽ "ٻڍل لائبريري" جي روح روان انور سومرو شاعر جي شخصيت جو تعارف پيش ڪندي ساڻس والههانه محبت جو اظهار ڪيو ويو شاعر ۽ ڪالم نگار نسيم بخاري چيو ته مير صاحب رسول الله ﷺ جا سچا عاشق آهن، جن پنهنجي محبت جو اظهار خوبصورت نعتن وسيلي ڪيو آهي، جيڪي سنڌ جي ڪيترن گلوڪارن ڳايون آهن. محفل جي پڄاڻي تي حاجي مير احمد نواز مارفاڻي پنهنجا خيال پيش ڪيا ۽ محبت سان ڀرپور نعت پڙهي ٻڌيا ھن چيو ته چلد سندس نعتن جو مجموعو شايع ٿيندو جنھن کان پوء حاجين جي رھنمائي لاءِ حج سفر ڪٿاڪتابي صورت ۾ ايندي .