English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
views
|
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آهي تہ سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود ڪي بہ سنڌ ۾ قدم نہ کنيا ويا آھن. واھن ۽ شاخن جي کاٽي ناھي ٿي. بند مضبوط نٿا ڪيا وڃن. ٻوڏ دوران حڪومتي نمائندن، وزيرن جون زمينون ۽ فصل بچائڻ لاءِ ھترادو گھارا ھڻي غريب ماڻھن جا ڳوٺ ۽ ننڍن آبادگارن جا فصل ٻوڙيا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس، ايريگيشن، تعليم، صحت سميت ھر کاتو ڪرپشن جي دلدل ۾ ٻڏل ھجڻ ڪري عوام بنيادي حقن ۽ انصاف کان محروم آھي. پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمرانيء سنڌ جي سمورن ادارن جي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ عوام کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غريب عوام، پورھيت، ھاري ۽ مزدور انصاف لاءِ سڀ کان پھرين پوليس وٽ وڃن ٿا پر اتي رشوت کانسواءِ ڪنھن جي فرياد بہ نٿي ورتي وڃي. سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ناھي، جنھن ڪري جن وٽ پئسا ناھن، اھي ماڻھو تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي حالت خراب ھجڻ ڪري پرائيويٽ تعليمي ادارا وڌي ويا آھن، جتي حڪمران طبقي، آفيسرن ۽ وڏن ماڻھن جا ٻار پڙھن ٿا، باقي جن وٽ پئسا ناھن انھن جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن جي ڪري غير قانوني پرڏيھي ڪرپٽ آفيسرن ذريعي شناختي ڪارڊ کان وٺي ھر ڪاغذ ٺھرائين ٿا. دھشتگرد قانون جي پڪڙ کان پري رھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جون سرڪاري زمينون بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ
0 تبصرے