English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
views
|
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وحيد احمد ابڙو
سرڪاري ملازمن جي پينشن جي بند ٿيڻ جا چوٻول بعد نه صرف رٽائرڊ سرڪاري ملازمن ۾ پر سندن جي گهر وارن سموري برادرين ۾ تشويش ناڪ جي صورت حال پيدا ٿيڻ لڳي آهي. جيڪڏهن واقعي سرڪاري ملازمن ۽ انهن جي پونئرن لاءِ پينشن جا دروازا بند ڪيا ويا ته پوءِ هڪ معاشي قتل عام جهڙي ڪيفيت ۽ اهڙي مهانگائي ۾ انيڪ مسئلا جنم وٺڻ لڳندا. پينشن اصلاحات جي نالي ۾ جنهن ۾ نون ۽ پراڻن اصولن جي ڳالهه ڪري رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جو ساهه سڪايو ويو آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ سرڪاري ملازمن کي ريليف ڏيڻ بجاءِ ويتر رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي لاءِ اذيت ظلم ۽ زيادتين سان ڀريل نون اصلاحات جي رٽائرڊ ملازمن سان کليل ٻه اکيائي ۽ نسورو ناحق ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سرڪار سڳوري ڄاڻايو آهي ته اڳ ۾ سرڪاري ملازم ٻه ٽي پينشنون کڻندا هئا پر هاڻي اهي صرف هڪ پينشن کڻندا. جنهن ۾ سرڪاري ملازم هڪ سان گڏ ٻئي نوڪري جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد ٻه پينشنون کڻندو هو پر هاڻي صرف هڪ پينشن کڻندو، اڳ ۾ ملازم جي مري وڃڻ کان پوءِ انهي جي گهر واري پينشن کڻندي هئي اها بيواهه وفات ڪري ويندي هئي ته پوءِ ان جي نياڻي کي پينشن ڏني ويندي هئي پر هاڻي نئين اصول موجب سرڪار سڳوري جو چوڻ آهي ته صرف هڪ ئي پينشن جو حقدار ٿيندو. بجيٽ جي ٻئي اصول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پينشن جا حقدار سابقه اصول مطابق پينشنر جي وفات بعد ان جي گهر واري کي % 75 فيملي پينشن ملندي هئي، بيواه جي مڙس بعد اها ئي غير شادي شده / بيواهه / طلاق يافته نياڻي کي ٻئي شادي تائين پينشن ڏني ويندي هئي پر هاڻي نئين اصلاحاتي پينشن بجيٽ موجب غير شادي شده /بيواهه ۽ طلاق شده نياڻي کي صرف 10 ڏهن سالن تائين فيملي پينشن جا حقدار رهندا. سرڪار سڳوري 3 پوائنٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پينشن ۾ ڪو به نئون پيچيده اضافو ناهي ڪيو سابق اصول ۾ ائين هيو ته جيڪڏهن ڏهه هزار پينشن آهي ته هر سال مثلا 10 سيڪڙو وڌڻ سان ٻئي سال يارهن هزار ۽ ٽئين سال وري ٻارهن هزار رپيا پينشن ٿيندي. پر هاڻي نئين اصلاحاتي بجيٽ موجب رٽائرمينٽ جي وقت مثلا 2016 ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ پينشنر کي 111,185 مليا پئي. جنهن جي 42,227 رپيا هئي تقريبن 13/1 اضافو جي پي ٽي ٿيندو. اهڙي طرح چوٿين پوائنٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنٽريبيوٽيري پينشن سابقه اصول مطابق سمورا خرچ اخراجات حڪومت برداشت ڪري رهي هئي پر نئين اصول موجب چيو ويو آهي ته سروس جي دوران پينشن ڏيڻ لاءِ پگهار مان ڪٽوتي ڪئي ويندي. پگهار يا پينشن مان پراڻي اصول مطابق سرڪاري ملازم کي پگهار ۽ پينشن ٻئي ملندا هئا پر هاڻي نئين ڊرامي موجب يا ته نئين نوڪري مان پگهار وٺي يا پينشن وٺي، اصلاحاتي پوائنٽ موجب گهڻي ڀاڱي مسلح افواج جا اهلڪار متاثر ٿيندا آهن جيڪي گهٽ عمر ۾ رٽائرڊ ٿيندا آهن. اخلاقن رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪاروبار لاءِ وڃن پر نوڪري نه وڃن. اڪثر سرڪاري ملازمن جو چوڻ آهي ته هنن ظالم حڪمرانن ته سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن . سڀ کان پهريان ته انهن پينشنرن جي لاءِ ڪهڙي اصلاحات ڪئي آهي نالو هڪ ۽ ڪم وري ٻيو ڪري رهيا آهن. حڪمرانن جي نيت ۾ سچائي ناهي جنهن ڪري هو اصلاحات جي نالي ۾ ڪهڙي بهتر سٺي ڀلي ۽ عوامي سرڪاري ملازمن جي لاءِ پتوڙيندي نمايان ڳالھ ڪئي وئي آهي. نئين اصلاحاتي بيهڪ مان ته سراسر ملازم دشمني جي بوء اچي ٿي. جنهن ۾ اها ڳالهه نه ڪئي وئي آهي ته چوٽ چڙهيل مهانگائي جي تناسب سان پينشرن جون پينشنون 100 نه ته گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو پينشن وڌائي وڃي ٿي، حڪومت ائين پئي ڪري ته داتا جي نگري لهڻو آهي ته هو گامڻ شاهه وٽ لاهين ٿا، وڃڻو اسلام آباد آهي ٽڪيٽ اها ٿا وٺن پر لاٿو وري گجرات گوجرانوالا ۾ ٿو وڃي، ائين نٿا چون ته بابا اسان پنهنجا بي جا پروٽوڪول، نت نيون اربين رپين جون گاڏيون وٺڻ بند ٿا ڪيون ، شاهاڻا خرچ اخراجات گهٽايو ٿا، سرڪاري ڪامورا پنهنجون، گهر وارن، اولاد لاءِ هروڀرو مقرر ڪيل گاڏيون ختم ڪرڻ، غريب ملڪ جا امير سياسي وزير حج جهڙي عظيم خداوندي نعمت به انهن جا خاندان سرڪاري خرچ تي حج ڪرڻ ڪيئن لازم هيو، انگلينڊ ۾ ڪل 86 گاڏيون آهن پر پنهنجي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 90 هزار کان وڌيڪ گاڏيون آهن. ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازو حج تي پنهنجي 26 ڄڻن جي خانداني وفد سان جنهن پٽ، پوٽا، ڌيئر، نياڻا، دوست احباب هڪ وڏي پلٽون سان ڪروڙين روپين جي سرڪاري خرچ تي حج ڪرڻ ويو. ملڪ جا حڪمران پنهنجي من ماني مستي ۾ گم غريب عوام جي مٿان روز روز اربين رپين جون نيون ٽيڪسون لڳائي نپوڙي رهيا آهن. تازو سنڌ ۾ غربت جي شرح وڌڻ ڪري خود ڪشين ۾ اضافو ٿيو آهي. هر هڪ روز مره جي استعمال جي شين تي ٽيڪس لڳائي وئي آهي ٻيو ته ٺهيو پر ماچيس جي ٽيلي تي به ٽيڪس لڳائي وئي آهي. سرڪاري ملازمن جي پگهار تي ٽيڪس ملازم پورو مهينو گرمي سردي، جهڙ مينهن برسات هر حال ۾ ڊيوٽي ادا ڪري رهيو آهي انهي هوندي به انهيءَ مزدور پورهيت سرڪاري ملازم کي اجورو پنهنجي سموري مهيني پگهار صاف شفاف انداز ۾ ملڻ کپي نه پر هتي پگهار تي ٽيڪس هزارين روپيا وٺي رهيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ سينئير سرڪاري ملازم الطاف احمد عباسي، ڊاڪٽر شجاع احمد عباسي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي کي ختم ڪرڻ لاءِ شهر قدم کنيا وڃن ۽ مارڪيٽن بازارن ۾ ڪنٽرول ريٽ لسٽ آويزان ڪري انهي تي عمل ڪرايو وڃي. اڪثر استادن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس ڏني وڃي جيڪا هر هڪ سرڪاري ملازم جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، ٻيو بينوو لنٽ فنڊ ڊپٽي ڪمشنر بجاءِ متعلقه ڊي اوز جهڙوڪ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. سرڪاري ڪامورا جيڪڏهن عوام ۽ سرڪاري ملازمن سان سچا آهن ته پوءِ انهن کي عملي طور تي ڪو بهترين ريليف ڏين باقي نه ايندڙ اليڪشن ۾ اهڙي ڀيانڪ ۽ دردناڪ عمل سبب سياسي ڊرامي بازن ڏکيو ثابت ٿيندو. پاڪستان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي. جنهن ۾ خدا تعالي جون بيشمار نعمتون آهن، هن ملڪ پاڪستان ۾ چار ئي موسمون مندون موجود آهن. تيل، گيس، ڪوئلو، سامونڊي بندرگاهه، فروٽ، سبزيون، اناج معني ته هر شيء موجود آهي. ان جي هوندي ڪهڙي شيء آهي جيڪا پاڪستان کي پرڏيهي دنيا آء ايم ايف کان قرض وٺڻ تي مجبور ڪري ٿي، ننڍا ننڍا ملڪ بنگلاديش، ايران جهڙن ملڪن دنيا کي ڏندين آڱريون وجهي ڇڏيون آهن، انهن ملڪن جو سڪو ڊالر سان ڪيئن هلي رهيو آهي ۽ هي ويچارا بڻجي i M f آء ايم ايف جا قرضي ۽ انهن جي مليل اربين کربين روپين جي رقم نت نين عياشين دغابازي ۽ هڪ کان هڪ نين مهانگين گاڏين جي خريدارين تي خرچ ٿي رهيون آهن. ڪهڙو ضرور آهي ته وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن، ايڊوائيزن سميت ٻين وڏي خوشامدين جي پلٽون کي پالڻ حڪومت کي سهارو ملي ٿو پر عام ماڻهن لاءِ ڪا به بهتري نظر نٿي اچي. عمران نيازي هجي يا نواز، شهباز توڙي ايڪس واء زيڊ حڪمران هجي عوام کي ڪو سروڪار ناھي. عوام کي اٽو لٽو ۽ اجهو کپي، عوام کي سستي اگهه تي اٽو مليو ڄڻ معراج مليو. غربت، مفلسي، تنگدستي ۽ افلاس ذريعي ماڻهن جو جيئڻ کان روح کڄي ويو آهي. ويتر 42 سال عمر جا حسين ترين ڏهاڙا ارپيندڙ سرڪاري ملازمن جي پينشن ختم ڪئي وئي ته ظلم، زيادتي، جبر، ڏاڍ، غير جمهوري هٿن جي ڪاري سياهه رات جو عمل هلڻ لڳندو. نواز شريف ۽ شهباز شريف جو قريبي رشتيدار پاڪستان جو وزير خزانه اسحاق ڊار چئي ٿو ته رٽائرڊ سرڪاري ملازم ۽ انهن جي پينشن خزاني تي وڏو بار آهن. هو ٻڌائي ته هو ڪهڙو چونڊيل وزير آهي هو ته ٿاڦيل سينيٽ جو ميمبر آهي ته پوءِ انهيءَ کي ڇا لاء منسٽر آف فنانس رکيو ويو آهي. انهيءَ وزير خزانه جي سياست کان اڳ ۽ سياست کان پوءِ جي ملڪيت بئنڪ بئلنس، اربين کربين روپين جي ڪا جاچ ڪا انويسٽيگيشن، انڪوائري ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي آهي. جڏهن پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ته هو لنڊن لڪڻ ڀڄڻ لاءِ وڃي بيماري جو بهانو ڪري فرار ٿي وڃن ٿا ۽ وري اقتدار ويجهو اچڻ تي هو هشاش بشاش، چاڪ چڱا ٿي وڃن ٿا ۽ انهن کي غريب سرڪاري ملازم جي پينشن ٻار محسوس ٿي رهي آهي. پر انهن کي پنهنجا ٺٺ ۽ ٽانگر ياد ئي ناهن. هو انهن جي اولاد. نسل در نسل ملڪ جي مٿان ڪروڙين اربين کربين جو بوج بار آهن. هو خدا جي قهر غضب کان خوف ڪندي باري تعالي جي ڊپ ۾ رهن سڀ ڪجهه پئسو ئي ناهي. ڪاڏي ويا فرعون، نمرود، قارون، يزيد سڀ ختم چٽ ٿي ويا ڇاڪاڻ ته انهن دنيا کي سڀ ڪجهه سمجهي ڏاڍ مڙسي، داداگيري، دهشتگردي ڦهلائي خوف عوام ۾ وجهڻ چاهيو هو پر اڄ دنيا جي نقشي تان ختم آهن. ڪڏهن به غلطي ۾ به بلڪ حڪمران خواب ۾ به چوٽ چڙهيل مهانگائي جي تنگ ٿيل سرڪاري ملازمن جي پينشن سان ڪنهن جي حڪم آرڊر تي لڳڻ بجاءِ پنهنجي عقل فهم ۽ فراست مان ڪم وٺندي پينشنرن جون پينشنون وڌايون وڃن. جيئن جج صاحبان، وزير صاحبان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جون ٽي سئو سيڪڙو پگهارون وڌايون ويون آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
وحيد احمد ابڙو
سرڪاري ملازمن جي پينشن
0 تبصرے