English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هوٽل مالڪن تي مبينا تشدد، ڪيس داخل
71 views
|
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عبدالباسط ميمڻ جي مدعيت ۾ پناهه لاشاري، ولي محمد لاشاري، علي حسن، واجد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هوٽل مالڪن کان زوري ڀتو اوڳاڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي ڀتي خورن جو هوٽل مالڪن تي حملو ۽ بدترين تشدد، رڙين تي ڀرپاسي جي ماڻهن هوٽل مالڪن کي بچايو. متاثرن هوٽل مالڪن عبدالوهاب ميمڻ عبدالقدوس ميمڻ عبدالباسط ميمڻ طرفان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي پهچي عبدالباسط ميمڻ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪرائي پناھ لاشاري ولي محمد لاشاري علي حسن لاشاري واجد لاشاري ۽ٻن نامعلوم ماڻهن کي جوابدار طور نامزد ڪيو پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي هوٽل مالڪن جو چوڻ آهي ته جوابدارن ساڳئي ٿاڻي تي ڪائونٽر ايف آئي آر داخل ڪرائي ۽ ملير جي سائٽ سپر هائي وي ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪرايو جنهن تحت سائٽ سپر هائي وي ٿاڻي جي پوليس ۽ انوسٽيگيشن آفيسر سادن ڪپڙن ۾ ڀتي خور جوابدارن سان گڏ ڪورنگي مھراڻ ٽائون ۾ هوٽل تي پهچي هوٽل مالڪ عبدالوهاب ميمڻ کي زوري اغوا ڪيو جنهن جي ويڊيو اتي بيٺل ماڻهن ڀري ورتي هنن چيو ته ايس ايچ او سائٽ سپر هائي وي خالد عباسي اسان کي ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ڳري رشوت جي گهر ڪئي ڪراچي هوٽلز اونرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ميمڻ برادري جون ٻه سو کان وڌيڪ هوٽلون هلن ٿيون، جيڪي پرامن ۽ ڪاروباري ڪميونٽي آهن، پر ڀتي خورن جي لڳاتار حملن سبب هو عزت بچائن يا ڪاروبار، ٻنهي ۾ مشڪل ۾ اچي ويا آهن.اڳواڻن صدر غلام مرتضيٰ ميمڻ، جنرل سيڪريٽري حاجي الطاف ميمڻ، سينيئر نائب صدر زاهد حسين ميمڻ، فرحان ميمڻ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ڪورنگي ۽ سائٽ سپر هائي وي ملير جي ايس ايچ اوز خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ حملي آور ڀتي خور پناھ لاشاري، ولي محمد لاشاري، علي لاشاري ۽ ٻين کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تحفظ نه ڏنو ويو ته هوٽل مالڪ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري احتجاج لاءِ رستن تي نڪرڻ تي مجبور ٿيندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ هوٽل
0 تبصرے