English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا پر پاڻ کي بادشاھ سمجھن ٿا: اياز لطيف پليجو
212 views
|
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو صحت کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آھي سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آھي معياري علاج جون سھولتون ناھن
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي ڪرپث حڪمرانن 18 سالن کان مسلسل سنڌ ۾ حڪمراني ڪري سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻ ھنن مان جان ڇڏائڻي پوندي.سنڌ جو وڏو مسئلو خراب حڪمراني ۽ اقرباپروري آھي. وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا، اھي پاڻ کي بادشاھ سمجھڻ ڇڏي ڏين. سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڪرسي ناھي عوام کي وڏي طاقت آھي عوام کي لتاڙڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو صحت کاتو ڪرپشن جي ڪينسر ۾ ورتل آھي سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آھي معياري علاج جون سھولتون ناھن. ڊاڪٽر ڊيوٽيون نٿا ڪن ڊي ايچ اوز ۽ ميڊيڪل آفيسر مٿي تائين ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري وڃن ٿا. جيڪي دوائون خريد ڪيون وڃن ٿيون اھي غير معياري آھن. اڪثر اسپتالن ۾ دوائن جو کوٽ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي وڏن شھرن جي اسپتالن ۾ دوائن، خوراڪ، صفائي، تيل ۽ ٻين منصوبن جي نالي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿي رھي آھي. ماڻھو سرڪاري اسپتالن بدران پرائيويٽ اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. خانگي ڊاڪٽرن کي ڏيکارين ٿا ۽ مھانگيون دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سميت معياري ٽيسٽون نہ ٿيڻ ۽ سھولتن جي کوٽ جون شڪايتون جتان ڪٿان اچن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سند حڪومت غريب ماڻھن، ھارين ۽ پورھيتن لاءِ زندگي جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن. جن وٽ پئسا ناھن، انھن کي علاج جون سھولتون ناھن. آھي بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سنڌ ۾ غريب مسڪين ماڻھو غربت، بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري انتھا ڪسمپرسيءَ جي حالت جو شڪار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوڪريون تہ وڪامن ٿيون پر سرڪاري ڊاڪٽرن سميت ھر کاتي جي آفيسرن جون مقرريون بہ لکين روپين جي رشوت تحت ٿين ٿيون. جيڪو ڊاڪٽر، جيڪو آفيسر پئسا ڏئي پوسٽنگ ڪرائي ٿو اھو پنھنجي ڊيوٽي مال ڪمائڻ لاءِ ڪري ٿو. عوام کي لٽي ٿو. ھر جائز ڪم لاءِ پئسا ڪمائي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
0 تبصرے