شڪارپور کي سٺو اقتدار نه مليو ته سٺي اپوزيشن ضرور ملندي: بئريسٽر محمد عمر سومرو

شڪارپور جي ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ ٿو چاھيان في الحال ڪنھن به پارٽي ۾ شامل نه پيو ٿيان

شڪارپور کي سٺو اقتدار نه مليو ته سٺي اپوزيشن ضرور ملندي: بئريسٽر محمد عمر سومرو

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور ۾ سائت سراءِ سومرا ۾ بئريسٽر محمد عمر سومرو جي صحافين سان گفتگو, پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر محمد عمر سومرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ شڪارپور کي سٺو اقتدار نه مليو ته سٺي اپوزيشن ضرور ملندي شڪارپور جي ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ ٿو چاھيان في الحال ڪنھن به پارٽي ۾ شامل نه پيو ٿيان ھيان ھنن چيو تہ شڪارپور برصغير ۾ اسپتال ۽ سماجي ڪمن جي ذريعي مشھور ٿيو،ھاڻي ھٿياربند کڻڻ ۽ جھنڊو گاڏي تي لڳائڻ کي اڳواڻي سمجھيو پيو وڃي ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تہ امتياز شيخ پ پ ۾ موجود ماڻھن کي مردار چيو مان ته پ پ ۾ شامل نه آھيان,ان تنقيد ڪئي آ جيڪو ان جو وڙ آھي مان ڪجھ بہ نہ چوندس شڪارپور جي ھڪ نمائندي مردار چئي پنھنجي پارٽي جي ماڻھن خلاف ڳالھايو مردار پارٽي جي ڪھڙي ماڻھن کي چيو ويو کيس نشاندهي ڪرڻ گھرجي منھنجي خاندان شڪارپور جي ماڻھن جي خدمت ڪئي آھي آئون به خدمت ڪرڻ آيو آھيان شڪارپور کي ھاڻي ڏوھارين،قبضہ خورن ۽ منشيات فروشن ۽ ڌاڙيلن کان آزادي ڪرڻ جي ضرورت آھي,مان ھڪ سياسي ورڪر طور ڪم ڪندس في الحال ڪنھن به پارٽي ۾ وڃڻ جو ارادو ناھي,شڪارپور شھر ۾ ايندڙ بجيٽ ۽ فنڊنگ ڪٿي خرچ پئي ٿئي ان جي جانچ ٿيڻ گھرجي,شڪارپور ۾ ھر ماڻھو غير محفوظ آھي دڪاندار غير محفوظ آھن,شڪارپور جي قبرستان ۾ منشيات جي فيڪٽري ھلي پئي منشيات پنجاب اسمگل پئي ٿئي,شڪارپور ميونسپالٽيءَ شھرين کان ڀتو اڳاڙي ڪئي پئي وڃي,شڪارپور جو اھڙو حال ماضي ۾ اسان ڪڏھن نه ڏٺو آھي ھن وڌيڪ چيو تہ مون کي نگران دور ۾ خدمت جو موقعو مليو ستن مھينن ۾ اسپتال ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي,شڪارپور جي آر بي يو ٽي اسپتال ۾ دوائن جي چوري،سرڪاري ڪواٽرز تي قبضا ۽ ڪرپشن ٿي رھي آھي,خاندان جي وڏن سان صلاح مشوري بعد اليڪشن وڙھڻ جو فيصلو ڪندس ڀلي اپوزيشن ۾ ھجان شڪارپور جي وارثي ڪندس پ پ ڪجھ بھتر ڪم ڪري پئي ۽ ڪجھ بھتر ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي,سياسي نمائندو عوام وٽ جوابده ھجڻ گھرجي جيڪو بدقسمتي سان ھتي نہ آھي,شڪارپور جي ماڻھن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاھيان ٿيو ڪو لالي پاپ ڏيڻ نه آيو آھيان,ڪا تنظيم ڪا پارٽي جوائن نه ٿو ڪيان شڪارپور جي ماڻھن سان ڪامريڊس وانگر گڏجي ڪم ڪرڻ چاھيان ٿو شڪارپور پوليس ماڪمل ناڪام ٿي وئي آھي بدامني ايتري وڌي وئي آھي جو ڪو ماڻھو محفوظ نہ آھي ڪو ڪاروبار محفوظ ناھي ڏوھاري سري عام ڏوھ ڪري فرار ٿي وڃن پيا,شڪارپور کي ھاڻي انھن سڀني سماجي برائين ڪرپشن ۽ لاقانونيت کان پاڪ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي.