English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
253 views
|
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڦر واردات خلاف شهري ۽ دڪاندار رستن تي نڪري آيا. پوليس خلاف نعريبازي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد فيز ون ۾ باٽا موڙ ڀرسان نامعلوم هٿياربندن سوناري جي دڪان تي ڌاڙو هڻي لکين روپين جو سون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. پوليس موجب ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار هٿياربند دڪان ۾ گهڙي پيا ۽ دڪان اندر موجود ماڻهن کي يرغمال بڻائي ورتو.ڌاڙيلن سون، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪيا. دڪان مالڪ حسن موجب ڦورن لڳ ڀڳ 40 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جا سونا زيور، نقد رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪيا. واردات دوران جڏهن دڪان مالڪ حسن مزاحمت ڪئي ته جوابدارن کيس پسٽل جي بٽ سان سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو.اطلاع ملڻ تي علائقي واسين ۽ پوليس موقع تي پهچي وئي، جڏهن ته زخمي حسن کي فوري طور ويجهي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.واقعي کان پوءِ علائقي جي سونارن ۽ دڪان مالڪن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. واپارين احتجاج ڪندي چيو ته علائقي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڌاڙن سبب ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري مال واپس ڪرايو وڃي ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري جوابدارن جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ جلد ئي کين گرفتار ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي
0 تبصرے