English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ اجلاس
85 views
|
29th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوابشاهه (ھه آ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻي ۾ اضافي جي پيش نظر ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان ھڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ پاڪ فوج جي ڪرنل ياسر سھيل، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اعجاز لغاري، انچارج ريسڪيو 1122 انجنئير عبدالمنان، ايڪسين داد ڊويزن تيمور کيڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه اقبال احمد تنيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي چيو ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلع انتظاميه پاران ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي پڪي تي منتقل ڪرڻ لاءَ ھر ممڪن قدم کڻي رھي آھي ڊپٽي ڪمشنر صحت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماڻھن ۽ جانورن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون وڃن تہ جئين ماڻھن ۽ جانورن کي بيمارين کان محفوظ بڻائي سگهجي ڊپٽي ڪمشنر ايڪسين داد ڊويزن کي ھدايت ڪئي تہ شھيد بينظيرآباد جي حدن مان گذرندڙ سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ڪنھن بہ ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري طور تي ضلع ۽ تعلقي انتظاميه کي اطلاع ڏنو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ريسڪيو جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ھو ڪنھن بہ ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ الرٽ رھن. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي ڪرنل ياسر سھيل چيو ته مٿين علائقن ۾ برساتن سبب سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي جنھن کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج الرٽ آھي ھن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ضلع انتظاميه سان ويجھي رابطي ۾ آھي ڪنھن بہ قسم جي ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ پلان جوڙيو ويو آهي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي اپيل ڪئي تہ سنڌو درياهه ۾ پاڻي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي جنھن کي نظر ۾رکندي فوري طور تي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿين. اجلاس کي آگاهي ڏيندي ايڪسين داد ڊويزن تيمور کيڙو ٻڌايو ته ھن وقت ضلع شھيد بينظيرآباد جي حدن ۾ سنڌو درياهه مان 4 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري رھيو آھي جڏھن ته بندن جي نگراني لاءِ عملي جي مقرري ۽ مشينري جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد
عبدالصمد نظاماڻي
0 تبصرے