English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شاھ لطيف دنيا جو نرالو ۽ عظيم شاعر آهي. لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي: اياز لطيف پليجو
78 views
|
31st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ آمريڪا جي شھر ھيوسٽن ۾ سانا جي 41 ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيو
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو آمريڪا جي شھر ھيوسٽن ۾ سانا جي 41 ڪنوينشن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي عنوان سان سيشن ۾ مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ شاھ لطيف دنيا جو نرالو ۽ عظيم شاعر آهي. لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي. لطيف ھڪڙو مفڪر، عاشق، فلاسفر، شاعر آهي. دنيا جو، ھنن زمانن جو، ھن ڪائنات جو يونيڪ ماڻهو آهي. لطيف اھي ڳالھيون ڪري ٿو جيڪي ٻيا نٿا ڳالھيون ڪري سگهن، نٿا سوچي سگھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاھ لطيف جا ھيروز مرد نہ عورتون ڪنڀارڻ، ڌوٻياڻي، ٿرياڻي، مھاڻي، جهانگياڻي اھي عورتون جن کي پاڻ ڪنڌ موڙي نٿا ڏسون پر لطيف انھن کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. شاھہ لطيف عورت جي بهادري ۽ سچائيءَ جي ساراھ ڪئي آهي. شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ دنيا کي امن، محبت ۽ جدوجھد جو پيغام ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي مسئلن جو حل روشن خيالي، احتساب ۽ غير جانبدار خارجہ پاليسي ۾ آھي. دنيا جي امن پسند ماڻھن کي جوڙڻ جي ضرورت آھي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر ماڻھن کي جوڙي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ بک، بدامني ۽ بدحالي جو شڪار آھي. ڳوٺن ۽ ڪچي آبادين ۾ غريب ماڻھن وٽ ھڪ ويلي جي ماني جا پئسا ناھن. سنڌ جي ڪرپشن، سرداري نظام، شدت پسندي، ڏوھن ۽ وڏيرا شاھي جو مرڪز بنايو ويو آھي. شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ عورتون، اقليتون ۽ ٻار غير محفوظ آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرعي منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي زمين ۽ پاڻي تي قبضا بند ڪيا وڃن. سياسي پارٽيون اقتداري مفادن لاءِ انتهاپسندي ۽ لسانيت کي ھٿي نہ ڏين. سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي ماڻھن جي شڪايت نٿا ٻڌن. سنڌ مان چونڊجندڙ سڀني پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آھي، اھي پنھنجو احتساب ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. سنڌ ۽ ملڪ مان سمورا غير قانوني پرڏيھي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسين سڀ گڏجي دنيا ۾ نسل پرستي، تفريق ۽ شدت پسندي جي مزاحمت ڪنداسين. پاڪستان امن چاھي ٿو ۽ دنيا جي ماڻھن سان ھلڻ چاھي ٿو. پاڪستان معاشي مسئلن ۽ دھشتگردي جي چئلينجز کي منھن ڏئي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي انتهاپسندي کي شڪست ڏئي دنيا سان گڏ ھلڻو آھي. پاڪستان جي ترقي لاءِ دھشتگردي، تفريق ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻو پوندو. ٻاھرين ملڪن ۾ رھندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ سنڌ برابري، تعليم، صحت، ميرٽ ۽ ترقي جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ سختي سان نه برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ
0 تبصرے