English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
خيرپور جي مل ڪالوني واسڻ ناري عدالت پهچي وئي، پٽيشن داخل
238 views
|
01st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
آصف لاشاري کان ڇهه مهينا اڳ طلاق وٺڻ بعد حبيب الله سان نڪاح ڪيو آهي: امينا ابڙو
خيرپور (ڊ ر) خيرپور جي عدالت ۾ مل ڪالوني جي رهواسڻ طرفان ٻن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ اڳوڻي مائٽن خلاف پٽيشن داخل، جرڳو ڪري ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ڦاسائڻ جي ڌمڪين جا الزام، تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. خيرپور جي سيشن جج منور سلطانه جي عدالت ۾ پراڻو ناڪو مل ڪالوني خيرپور جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات امينه زال حبيب الله ابڙو بي سيڪشن ٿاڻي خيرپور ۽ وومين ٿاڻي خيرپور جي ايس ايڇ اوز، ۽ پراڻو ناڪو مل ڪالوني خيرپور جي رهواسي آصف، بادشاهه، مريد لاشاري، غلام سرور چانڊيو، وزير لاشاري ۽ مسمات وزيران زال وزير لاشاري خلاف جرڳو ڪرائي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪين خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هن جي اڳ شادي مل ڪالوني خيرپور جي رهواسي آصف لاشاري سان ٿيل هئي جنهن کيس اٽڪل 6 مھينا اڳ اڳ سخت تشدد بعد طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو. هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته هاڻ شريعت محمدي مطابق حبيب الله سان نڪاح ڪيو آهي جنهن ڳالهه تان ناراض ٿي اڳوڻو مڙس آصف لاشاري ۽ سندس مائٽ جرڳو ڪرائي اسان مٿان ڪوڙو ڪارنهن الزام مڙهي اسان جي گهرن ۾ گهري مارائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن جنهن ڪري سندن زندگين کي خطرو آهي. هنن عدالت کي استدعا ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن. عدالت سندن پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي بي سيڪشن ٿاڻي ۽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز ۽ ٻين خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
خيرپور جي مل ڪالوني
پسند جو پرڻو
0 تبصرے