English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ مهانگائي جو طوفان، اٽي جي في مڻ قيمت ۾ هڪ هزار کان 1200 رپيا واڌ
210 views
|
02nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
کاڌي پيتيءَ ۽ روزمره جي استعمال جون شيون چوٽ چڙھي ويون،ضلعي انتظاميه اگھور ننڊ سُتل
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، منافع خور مافيا اٽي سميت ٻين کاڌي پيتي جي شين ۽ روزمرهه جي ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ من ماني واڌ ڪري ڇڏي آهي، اٽي جي چڪين ۾ اٽي جي في مڻ قيمت ۾ هڪ هزار کان 1200 رپيا تائين اضافو ٿيو آهي، جنهن بعد عام ماڻهون لاءِ ماني کائڻ مشڪل بڻجي وئي آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته صرف اٽو نه پر چانور، دالون، تيل، گيهه، کير، ڀاڄيون ۽ ميوا به گهڻائي مهانگا ٿي ويا آهن، دڪاندار ۽ واپاري سرڪاري اگهن کي نظرانداز ڪري پنهنجا اگهه وصول ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مارڪيٽ ڪميٽي ۽ ضلعي انتظاميه رڳو ڪاغذي ڪاروائين ۽ فوٽو سيشن تائين محدود آهن، شهرين شڪايت ڪئي آهي ته روزانه مزدوري ڪندڙ پورهيتن ۽ غريب طبقي لاءِ ٻه وقت جي ماني جو بندوبست ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي، هنن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ انتظاميه طرفان فوري طور اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته هو احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي ويندا، شھرين مطالبو ڪيو آهي ته اٽي سميت کاڌيءَ پيتيءَ جون شيون روزمره جي استعمال جون سڀ شيون فوري طور سستي ڪيون وڃن، سرڪاري اگهن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے