English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪالاباغ ڊيم بابت علي امين گنڊاپور جو بيان سنڌي، بلوچ ۽ پشتون عوام سان دشمني آھي. ڊيم ھرگز ٺھڻ نہ ڏينداسين: اياز لطيف پليجو
220 views
|
03rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
امڪاني ٻوڏ واري صورتحال سبب سڄي سنڌ جا بند ڪيل ڪئنال، ڦليلي، پنڃاري سميت واھن ۽ شاخن کي جلد کوليو وڃي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ٻوڏ ۽ برسات جو جواز ڄاڻائي سڄي سنڌ جا بند ڪيل ڪئنال، ڦليلي، پنڃاري سميت واھن ۽ شاخن کي جلد کوليون وڃن. درياھ ۾ وڏي چاڙھ باوجود سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ پاڻي کوٽ آھي. فصل سڪي رھيا آھن. آبدگار ۽ ھاري پريشان آھن. پاڻي کوٽ جي متاثر آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪالاباغ ڊيم بابت علي امين گنڊاپور جو بيان سنڌي، بلوچ ۽ پشتون عوام سان دشمني آھي. ڊيم ھرگز ٺھڻ نہ ڏينداسين.ڪالا باغ ڊيم ۽ ڪئنال منصوبا ممڪن ناھن. سنڌي قوم درياھ دشمن منصوبن کي جتي جي نوڪ تي رکي ٿي. پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي قتل ۽ بنجر بنائڻ واري سازش کي سنڌ جو ست ڪروڙ عوام ڪنهن بہ صورت برداشت نہ ڪندو. پاڻي لاء جدوجھد سنڌ جي وحدت ۽ وجود جي جدوجهد آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران طبقي ۽ ڪامورن لاءِ بيشمار مراعتون آھن. بجلي، گئس، صحت جي سھولتن سميت ھوائي سفر ۽ ٻيون سھولتون مفت آھن پر ملڪ جي ھاري، پورھيت، مزدور، محنت ڪش ماڻھو لاءِ 2 وقت جي ماني حاصل ڪرڻ بہ مشڪل آھي. تعليم، صحت سميت بنيادي حقن جو سھولتون ناھن. عوام جي خوشحالي بدران بدحالي حڪمرانن جي ايجنڊا بنجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اقتدار خاطر پيپلزپارٽي ۽ آصف علي زرداري پنجاب سان گڏجي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻائي، ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھي سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاھين ٿا. اياز لطيف پليج چيو تہ پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. ھارين، مزدورن طبقي کي سمجھڻو پوندو تہ موجوده سنڌ حڪومت وٽ انھن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران تباھي جو منصوبو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان سنڌ جو مستقبل آھن، اھي ميرٽ ذريعي مقابلو ڪن. دنيا جي ملڪن ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪن. روزگار ڪن. سنڌ جي حڪمرانن وٽ نوجوانن کي ڏيڻ لاءِ دوکا آھن. رڳو ڪوڙا دلاسا. لسٽون ٺاھڻ جا دوکا ڏئي نوجوانن کي بنگلن جا چڪر ھڻايا وڃن ٿا. پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جو اڏو بڻجي وئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
ڪالاباغ ڊيم بابت
علي امين گنڊاپور جو
0 تبصرے