English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون، 3ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
183 views
|
03rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (ڊ ر) ٺٽو پوليس ٻن الڳ الڳ ڪامياب ڪاررواين دوران موٽرسائيڪل چوري ۾ ملوث مرڪزي جوابدار ۽ روڊ رابري ۽ گاڏين جي ڦرون ۾ ملوث ٻن ايڪٽو ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته چوري ۽ ڦر ڪيل موٽرسائيڪل، سوزوڪي پڪ اپ ۽ رقم به هٿ ڪري ورتي آهي۔تفصيل موجب 2 سيپٽمبر 2025ع جي شام گھارو لڳ ڪي ڊي نالي لنڪ روڊ تان عبدالعزيز ميربحر جي هونڊا CD-70 نمبر KGQ-2412 موٽرسائيڪل چوري ٿي هئي، جنهن جو مقدمو نمبر 189/2025 ٿاڻي گھارو تي داخل ٿيو هو۔ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي ايس ايڇ او محمد علي ڌامراھ عملي سميت ڪارروائي ڪندي گھارو گولائي لڳ مرڪزي جوابدار عبدالرزاق ولد خيرو لاشاري کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽان چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ آئي۔ جوابدار ابتدائي جاچ ۾ گھارو، ڌابيجي ۽ ساڪري ۾ ٻين وارداتن ۾ ملوث ھجڻ جو به اعتراف ڪيو آهي۔ٻئي پاسي 31 جولاءِ ۽ 30 آگسٽ 2025 تي جهرڪ ٿاڻي جي حدن ۾ ڏاڏوري ۽ جھمپير لنڪ روڊ تي هٿياربندن سوزوڪي پڪ اپ، رقم ۽ موبائل فونز ڦر ڪيا هئا، جن جا مقدما 58/2025 ۽ 68/2025 داخل ٿيا هئا۔ ايس ايڇ او ڪينجهر زاھد حسين شيخ ۽ ايس ايڇ او جهرڪ بهادر خان جمالی عملي سان گڏجي ڪارروائي ڪندي ماڇي گولائي لڳ ٻن ايڪٽو ڏوھارين جمیل عرف راجا عرف 2D ولد عالي شورو ۽ عاشق علي ولد جاڙو ملاح کي گرفتار ڪري ورتو۔پوليس مطابق جوابدارن جي نشاندهي تي مدعي نصير احمد رئيس کان ڦريل سوزوڪي پڪ اپ نمبر LB-6209 ۽ غلام مرتضيٰ کٽري کان ڦريل رقم مان 15 هزار رپيا به هٿ ڪيا ويا آهن۔ جاچ دوران جوابدارن ڪيترين ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي۔ ساڳئي ڪيسن ۾ ٻيا ڀاڱي ڀائيوارا اللہ بچايو ملاح ۽ محمد علي عرف ٻالڪ ملاح اڃا تائين فرار آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن۔پوليس موجب جوابدارن خلاف وڌيڪ ريڪوري لاءِ ريمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ جاري آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ٺٽو پوليس
0 تبصرے