English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان کي درياھ سان گڏ ڌرتي بہ بچائڻي آهي، سنڌي پرامن آهن، تنگ نہ ڪيو، مڙي وڃو: اياز لطيف پليجو
views
|
12th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ايازلطيف پليجو سان ڪشمور جي سياسي سماجي اڳواڻن جي ملاقات، پارٽي ۾ شموليت جو اعلان
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ايازلطيف پليجو سان ڪشمور جي سياسي سماجي اڳواڻن تاج محمد بجاراٹی، یار محمد بجاراٹی، زین العابدین بجاراٹی ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ اسان کي درياھ سان گڏ ڌرتي بہ بچائڻي آهي ھر پنجن منٽن کان پوءِ سنڌين کي چئو ٿا ڪالا باغ ڊيم ڀاشا ڊيم، ڊيا مير ڊيم ٺاھيون ٿا، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي نئون صوبو ٿا ٺاھيون. سنڌي پرامن آهن، تنگ نہ ڪيو، سنڌي چون ٿا تہ اسان جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن ۾ هٿ نہ وجھو.ڪئنالن، ڊيم، ميرٽ جي لتاڙ، ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني، لاقانونيت ۽ ڪرپشن خلاف ڊگهي، منظم ۽ ثابت قدم جدوجھد لاءِ سنڌي ماڻهن کي تيار رهڻ گهرجي.اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ٻوڏ دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کاڌي پيتي شيون مهانگيون ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو وڃي. اٽي سميت کاڌي پيتي جون شيون سبسڊي ڏئي سستيون ڪيون وڃن. سنڌ جو سمورن ضلعن ۾ ھارين ۽ مزدورن لاءِ رھائشي اسڪيمون شروع ڪري کين مفت پلاٽ ڏنا وڃن. ملير، لياري، سنڌو درياھ سميت پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تي ٿيل قبضا، غير قانوني ۽ ناجائز رھائشي اسڪيمون ختم ڪيون وڃن. درياھ ۽ ندين ۾ رھائشي اسڪيمن جي منظوري ڏيندڙ عملدارن کي گرفتار ڪري نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت پنھنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي ڪوڙي مشھوري جي مھم ھلائي رھي آھي. سنڌ حڪومت جا وزير ۽ بلدياتي نمائندا ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ٽڪ ٽاڪر بنجي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جي نااھلي ۽ ناڪامي سبب برساتن جي ڪري عوام جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي. ماڻھو سخت تڪليف ۾ آيا آھن. سوين علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏا پيا آھن. ضلعي حڪومتون ۽ سنڌ حڪومت پاڻي نيڪال جي نالي ۾ ڪوڙا بل ٺاھي ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ غريب عوام اڳ ۾ ئي مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي، برساتن ۽ درياھن ۾ چاڙھ کانپوءِ ذخيره انداز مافيا اٽو ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون مھانگيون ڪري ڇڏيون آھن. شھرن ۽ ڳوٺن منشيات فروشن جو اڏو بنايو ويو آھي. بدامني تي ڪو به ڪنٽرول ناھي. ڏينھن ڏٺي ڦرون ۽ ڌاڙا لڳي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ برسات سبب جن آبادگارن کي نقصان ٿيو آھي. فصل ٻڏي ويا آھن، انھن کي معاوضو ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ايازلطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے