English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهوڙاٻاري، ڳاڙهو ۽ ور ۾ رورل گروٿ سينٽرز جي قيام بابت اهم اجلاس
212 views
|
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پروجيڪٽ ڊائريڪٽر گهوڙاٻاري ۾ ڊرينيج اسڪيم ۽ ڳاڙهو ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم بابت بريفنگ ڏني
ٺٽو ( ڊر)گهوڙاٻاري، ڳاڙهو ۽ ور ۾ ’رورل گروٿ سينٽرز‘ جي قيام بابت اھم مشاورتي اجلاس، پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي حڪومت سنڌ پاران غربت گهٽائڻ واري حڪمت عملي تحت گهوڙاٻاري، ڳاڙهو ۽ ور ۾ رورل گروٿ سينٽرن جي قيام بابت پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد جواد مظفر جي صدارت ھيٺ هڪ اھم مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي انتظاميا، مقامي ادارن ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پاران گهوڙاٻاري ۾ ڊرينيج اسڪيم ۽ ڳاڙهو ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ مجوزه سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ ۽ نيٽ ورڪ جو خاڪو پيش ڪيو ۽ تجويزون طلب ڪيون. سيد جواد مظفر ٻڌايو ته رورل گروٿ سينٽر جو مقصد ويجهن ڳوٺن کي ضروري شيون ۽ خدمتون گهٽ خرچ تي ۽ وڌيڪ ڪارائتي نموني فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا 16 نومبر 2018ع تي غربت گهٽائڻ واري حڪمت عملي جي منظوري ڏني هئي، جنهن لاءِ ابتدائي طور تي يورپي يونين جي مدد سان يونائيٽيڊ نيشنز انڊسٽريل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ذريعي چئن ضلعن ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٿرپارڪر لاءِ 4900 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا. ھُن وڌيڪ ٻڌايو ته پائدار پروگرام جيڪو سنڌ جي غربت گهٽائڻ واري حڪمت عملي سان هم آهنگ آهي ۽ پنجن سالن تي ٻڌل يورپي يونين پاران فنڊ ڪيل منصوبي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. ھن چيو تہ هي پروگرام حڪومت سنڌ ۽ ڪاروباري ادارن کي فني مدد، گرانٽس ۽ عوامي سيڙپڪاري لاءِ گڏيل مالي مدد مهيا ڪري ٿو. ان موقعي تي ضلعي انتظاميا جي نمائندن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر علي شاہ، ، ڊي اي او پرائمري نور سرائي، اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاري فراز احمد عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ ڊيولپمينٽ سيد جواد حسين شاہ، ٽائون چيئرمين گهوڙاٻاري محمد رمضان پنھور، ٽائون چيئرمين ڳاڙھو حاجي محمد صديقي خاصخيلي ۽ ٻين لاڳيپل انجنيئرن ۽ اسٽيڪ هولڊرن پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ کاتي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پائيدار ترقي لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي شموليت تمام ضروري آهي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر پلاننگ ڊيولپمينٽ مس ساره امجد، ڊپٽي ڊائريڪٽر پلاننگ ڊيولپمينٽ مس عظيمه ناصر ۽ ضلعي ڪوآرڊينيٽر ديال داس راٺوڙ پڻ شرڪت ڪئي ۽ رورل گروٿ سينٽر ۽ پائدار پروگرامن جي عملداري بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
گهوڙاٻاري، ڳاڙهو ۽ ور
0 تبصرے