English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ جوڙي پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ احتجاج
220 views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (ڊ ، ر) اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ ميهاري واسي پريمي جوڙي حاجران ڌيءَ ماستر سانوڻ جوڻيجو ۽ منور علي ولد مانجهي جوڻيجو پيار جو پرڻو ڪري ڇڏي والدين طرفان موتمار ڌمڪيون پريمي جوڙو پريس ڪلب عمرڪوٽ پھتو انصاف ڏيارڻ جو مطالبو، پريمي جوڙي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان ڇهه مهينا اڳ ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي عدالتن ۾ تحفظ لاءِ اپيلون به داخل ڪيون هيون، پر ان جي باوجود ڇوڪريءَ جا والد ۽ رشتيدار اسان کي لڳاتار قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، منور علي جوڻيجو الزام لڳايو ته ڇوڪريءَ جا والد سانوڻ جوڻيجو ۽ سندس رشتيدار عبدالله ولد يار محمد، هارون ولد يار محمد، لقمان، عبدالطيف ۽ پاڙيسري صاحبڏنو ولد ڀارو اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، منور علي وڌيڪ چيو ته منهنجي والد مانجهي جوڻيجو تي تشدد ڪيو ويو، اسان جو مال به کڻي ويا آهن، جيڪو واپس ڪرايو وڃي، هن وڌيڪَ چيو ته مخالف ڌر ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اهڙو ڪو ڪيس داخل ٿئي ته ان کي ڪوڙو سمجهيو وڃي، پريمي جوڙي ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ٿرپارڪر، ايس ايڇ او مٺي ۽ ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي حياتي جو تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن اسان امن سان زندگي گذاري سگهون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ جوڙي پاران پسند جو پرڻو
0 تبصرے