English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ جي روزي گوندر ڳوٺ جو پرائمري اسڪول استاد مقرر نه ٿيڻ ڪري بند پيل
214 views
|
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اسڪول ۾ مقرر استاد رٽائرڊ ٿي ويو، ٽي مهينا گذرڻ باوجود استاد مقرر نٿو ڪيو وڃي: ڳوٺاڻا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گڏاپ ٽائون جي روزي گوندر ڳوٺ جو پرائمري اسڪول ٽن مهينن کان بند پيل، سوين ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويا آهن۔ ٽي مهينا گذرڻ باوجود تعليم کاتي ملير جا آفيسر اسڪول لاءِ نئون استاد مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن۔تفصيل موجب ملير جي قديمي ڳوٺ روزي گوندر جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ ٽن مهينن کان تعليم جو سلسلو مڪمل طور تي بند پيل آهي۔ اسڪول جو اڳوڻو استاد ٽي مهينا اڳ رٽائر ٿيو هو، جنهن کان پوءِ تعليم کاتي پاران اڃا تائين نئون استاد مقرر نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اسڪول کي تالا لڳل آهن ۽ ڳوٺ سميت آس پاس جي علائقن جا سوين معصوم ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويٺا آهن ڳوٺ واسين جو چوڻ آهي ته روزي گوندر ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ ٻارن لاءِ اهو ئي هڪ سرڪاري تعليمي ادارو آهي، جيڪو بند هجڻ سبب والدين سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن۔ والدين چيو ته معصوم ٻارڙا روز اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿين ٿا، پر بند دروازو ڏسي مايوس ٿي موٽي وڃن ٿا ڳوٺاڻن تعليم کاتي ملير جي آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول روزي گوندر ڳوٺ ۾ نئون استاد مقرر ڪيو وڃي، جيئن علائقي جي ٻارن جو تعليمي مستقبل بچي سگهي ۽ انهن کي ٻيهر تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي عوامي حلقن پڻ ضلعي انتظاميا ۽ صوبائي وزيرِ تعليم کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ ۾ تعليم جو سلسلو ٻيهر بحال ڪيو وڃي ۽ لاپرواهي جا ذميوار آفيسر جوابده بڻايا وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
گڏاپ جي روزي گوندر ڳوٺ جو
پرائمري اسڪول استاد مقرر
0 تبصرے