English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪيلگري ۾ سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جو شاندار جشن ملهايو ويو
453 views
|
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
البرٽا ۾ سنڌي ثقافتي گڏجاڻي جي سڀ کان وڏي تقريب طور تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿي
ڪيلگري (م ڊ) ڪيلگري ۾ هن هفتي سنڌي ڪلچر ڊي وڏي شان ۽ شوق سان ملهايو ويو، جنهن ۾ ڪيلگري، ايڊمنٽن، لئٿبرج، مئڊيسن هيٽ ۽ ريڊ ڊئير مان رڪارڊ انگ ۾ دوستن ۽ ڪميونٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. هي تقريب البرٽا ۾ سنڌي ثقافتي گڏجاڻي جي سڀ کان وڏي تقريب طور تاريخ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿي، جيڪا ڪميونٽي جي اتحاد، ورثي ۽ سڃاڻپ کي خوبصورت انداز ۾ اجاگر ڪري ٿي.هن سال تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪئناڊا حڪومت جي ٽنهي سطحن مان نمائندن تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ شامل هئا: وفاقي ايم پي جسراج هالن، وفاقي ايم پي دلوندر گل، وفاقي ايم پي امنپريت گل؛ صوبائي ايم ايل اي عرفان صابر، صوبائي ايم ايل اي گرندر برار، صوبائي ايم ايل اي پرميت سنگھ؛ ۽ سٽي ڪائونسلر راج ڌاليوال. تقريب ۾ سابق ايڊيشنل چيف سيڪريٽري حڪومت سنڌ پاڪستان، جناب قاضي شاهد پرويز خصوصي مهمان طور شرڪت ڪئي۰ سڀني معزز مهمانن کي روایتي سنڌي اجرڪ پيش ڪئي وئي، جيڪا احترام ۽ ثقافتي محبت جي علامت آهي.شازيه ميڪس ميمڻ کي سنڌي ڪميونٽي جي طويل خدمتن جي اعتراف ۾ خاص اعزاز سان نوازيو ويو. ان سان گڏ سينيئر ڪميونٽي اڳواڻن مشهود قاضي، ميڪس ميمڻ، سراج عباسي، ۽ ڊاڪٽر انور عادل کي پڻ سندن خدمتن تي خراج تحسین پيش ڪيو ويو.سنڌ جي مشھور ڳائڻي انینا فدا ھن پروگرام ۾ پرفارم ڪرڻ لا۽ خصوصي طور ڪئلگري ۾ موجود ھئي جنهن پنهنجي لڳاتار راڳ سان تقريب کي چار چنڊ لڳائي سڄي ماحول کي رقص ۽ خوشي سان ڀري ڇڏيو. شرڪت ڪندڙن انينا فدا جي دلفريب ۽ جذباتي ميوزڪ پرفارمنس مان مڪمل لطف ورتو۰هي شاندار تقريب عمران شيخ، فراز ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عدنان عادل مٺواڻي جي بهترين تنظيم هيٺ منعقد ٿي، جڏهن ته نوجوان رضاڪارن جي محنت ۽ جذبن تقريب کي وڌيڪ ڪامياب بڻايو.هن تقريب کي منعقد ڪرڻ لا۽ حيات هومز، سيون سيز ڪنسٽرڪشن ۽ بٽ ڪڙاهي جي خصوصي ڪاوشن تي کین مڃتا ڏني ويئي.سنڌي ڪلچر ڊي 2025 البرٽا ۾ سنڌي ڊائسپورا جي جاندار ثقافتي سڃاڻپ، اتحاد ۽ ورثي سان محبت جو هڪ روشن مثال بڻجي سامهون آيو, هڪ اهڙو جشن جيڪو ايندڙ سالن لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪري ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪيلگري
ڪيلگري ۾ سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي
0 تبصرے