English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي مختلف علائقن مان ريتي بجري ۽ پٿر جي مبينا چوري جاري
186 views
|
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
آچار سالار ڳوٺ، ٺٽو دنگ، ڌاٻيچي، ريلوي لائين ڀرسان غير قانوني ڪرش پلانٽ ۽ ٽرالر هلن پيا: ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان منرل مائنز کاتي ۽ پوليس جي مبينا سرپرستي ۾ غير قانوني طور معدنيات جي کڻڻ، ريتي بجري ۽ پٿر جي چوري جو سلسلو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جاري آهي، جنهن سبب قومي خزاني کي اربين روپين جو نقصان ٿيڻ سان گڏ جبل، نديون، ريلوي بند ۽ زرعي زمينون به تباهي جي ڪناري تي پهچي ويون آهن ذريعن موجب ملير جي آچار سالار ڳوٺ، ٺٽو دنگ، داٻيچي، ريلوي لائين ڀرسان ڪيترن ئي سالن کان منظم ٽولن جا غير قانوني ڪرش پلانت ۽ ٽرالر هلن پيا، جتي روزانو وڏي پيماني تي ريتي بجري ۽ معدني پٿر چوري ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا. رپورٽن موجب منرل مائنز ڊپارٽمينٽ جا ڪلارڪ، ڪجهه ايڊمن اسٽاف، ۽ مائنز پوليس جا آفيسر پڻ بااثر ماڻهن سان مليل ۽ حصيدار بڻيل آهن، جڏهن ته ڪارروائي لاءِ ذميوار کاتا مڪمل طور خاموش نظر اچن ٿا ڏوهاري ٽولن پاران ڪراچي، ٺٽو ۽ ڄامشورو جي رن پٽياڻي، گهارو گولائي، سونڊا، جهرڪ، چليا ڇٽو چنڊ، لوڻي ڪوٽ، جهمپير، ڪلو ندي ۽ فرش ندي سميت مختلف هنڌن تان معدنيات کڻي ٽرالرن ذريعي سمينٽ فيڪٽرين ۽ ٻين ڪارخانن تائين پهچايو پيو وڃي، جنهن مان بااثر ماڻهو ڪروڙين رپيا غير قانوني حاصل ڪري رهيا آهن.سماجي اڳواڻن، زميندارن، هارين ۽ سول سوسائٽي شديد احتجاج ڪندي چيو آهي ته غير قانوني معدنيات کڻڻ سبب جبل ڪٽجي رهيا آهن، ندين جا بستر تباھ ٿي چڪا آهن، ملير ۽ گهارو ندي جي ڀرسان ريلوي بند کي به سنگين خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو علائقائي ماڻهن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن منرل مائنز ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل کان مطالبو ڪيو آهي ته مائنز کاتي اندر ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن، ڪلارڪن ۽ مائنز پوليس خلاف فوري طور تي نوٽيس وٺي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇوتہ کاتو تباهي جي ڪناري پهتل آهي ۽ معدنيات جي غير قانوني لٽ مار سان گرين بيلٽ مڪمل طور ختم ٿي رهيو آهي هن سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير، ڄامشورو ۽ ٺٽو سميت سنڌ حڪومت کي به اپيل ڪئي وئي آهي ته معدنيات جي غير قانوني ڀيل ۽ قدرتي وسيلن جي تباھي جو نوٽيس وٺي وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو وڃي، جيئن قومي دولت جي بچاءُ سان گڏ قدرتي ماحول کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪٽيو ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي باءِ پاس تي حادثي ۾ واٽهڙو فوت ٿي ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ لاءِ سهڪار ڪيو ويندو: صنم عباس ٽالپر
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
دادو پوليس پاران صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
مان ريتي بجري ۽ پٿر جي
0 تبصرے